رپورٽ: بشير شر/ٺري ميرواهه
خيرپور ضلعي جي علائقي ٺري ميرواهه ۾ 4 مهينا اڳ قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جَي قاتلن جي گرفتاري توڙي جاچ آفيسر خلاف مقتول صحافي جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ريلي ڪڍي آهي.
ياد رهي ته 8 ۽ 9 اپريل جي وچ ۾ ٺري ميرواهه جَي صحافي الهڏنو عرف اي ڊي شر کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو هو، سندس لاش ڳوٺ علي آباد مان هٿ آيو هو.
پوليس قتل الزام ۾ رياض باداماڻي، وقاص چنه، فهيم چنه، احد چنه، نعيم چنه ۽ آصف دستي کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي، جڏهن ته جوابدار ڊسٽرڪٽ جيل ۾ آهن.
جاچ آفيسر جي رپورٽ ۾ ڇا آهي؟ وارث اعتراض ڇو پيا ڪن؟
ڊي آءِ جي سکر صحافي جي قتل ڪيس جي جاچ ٽئين ڌر، ٻئي ضلعي سان تعلق رکندڙ جاچ آفيسر کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي ڊي ايس پي گهوٽڪي عبدالقادر چاچڙ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو هو، جنهن ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد رپورٽ ڊي آءِ جي ڏانهن اماڻي هئي.

ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ پنهنجي رپورٽ ۾ محمد منصور اعواڻ ۽ قمر ايوب اعواڻ کي بيگناهه قرار ڏيندي چيو هو ته اِنهن نوجوانن جو رياض بادامي ۽ ٻين جوابدارن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ثابت نه ٿي آهي، تنهن ڪري کين جاچ ۾ بيگناهه قرار ڏنو پيو وڃي.
صحافي اي ڊي شر جَي وارثن جاچ آفيسر جي رپورٽ کي رد ڪندي مٿس رشوت جا الزام هنيا آهن، ستار شر، منصور شر، ۽ ٻين اڄوڪي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جاچ آفيسر عبدالقادر چاچڙ قاتلن کان رشوت وٺي ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.
وارثن موجب آفيسر مک جوابدار منصور اعواڻ جو نالو جاچ مان ڪڍي ڇڏيو آھي، ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ اسان وٽ هڪ ڀيرو به ناهي آيو، چار مھينا گذرڻ باوجود پوليس ڪيس جي ڪا به اڳڀرائي ناھي ڪري سگھي، جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن.
جوابدار عدالت مان ضمانت ڪرائي ويا
صحافي اي ڊي شر قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ جي رپورٽ بعد جوابدار منصور اعواڻ ۽ قمر ايوب اعواڻ مقامي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيا هئا.
مقتول صحافي جي وارثن الزام هنيو آهي ته جاچ آفيسر جن جوابدارن کي ڪيس مان بري پيو ڪري، اُنهن جا وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي موجود آهن، جن ۾ هو ڏوهه جو اعتراف به ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڊبليو ٽي اين آزاد ذريعن کان اِنهن وڊيوز جي تصديق نه ڪري سگهيو آهي.
ٻئي پاسي ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.
مقتول جي بيوهه جو پيادل مارچ ۽ قرآن کڻي مطالبو
ان کان اڳ مقتول صحافي جي بيوهه شاھانا شر پنھنجي چئن يتيم نياڻين ۽ مقتول صحافي جي امڙ نظيران شر سان گڏجي 8 ڪلوميٽر ڳوٺ ٻڍل پور کان مارچ ڪري ٺري ميرواھ سرڪاري اسپتال ويجھو پھتي، جتي ڪار تي ايندڙ ايس ايچ او جي گاڏي روڪي کين قرآن پاڪ جا واسطا ڏنا ۽ قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو
مقتول جي بيوھ چيو هو ته منھنجي مڙس جي قتل ۾ سندس صحافي دوست نياز دستي، منصور اعواڻ ۽ شڪور ملاح ملوث آھن، جيڪي کيس اڳ به ڌمڪيون ڏيندا ھئا.