صالح پٽ ( رپورٽ: غلام حيدر شنباڻي ) صالح پٽ ويجھو ھٿياربندن مبينا ڪارنھن تڪرار تان فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ دينپور ۾ خادم بليدي جي اوطاق تي ھٿياربندن ڪاھ ڪري فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، مقتولن جي سڃاڻپ غلام شبير جاگيراڻي، نواب بليدي ۽ حميد اللھ بليدي طور ڪئي وئي.
صالح پٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ ڳوٺ دينپور وٽ ڪارنھن تڪرار تان واقعو پيش آيو آھي، ڊيرا غازي خان واسي رشتي لاءِ خادم بليدي نالي شخص جي اوطاق تي آيل ھئا.
پوليس موجب علائقي واسين ٻڌايو تہ عجيب ۽ صدام بليدي نالي ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، جوابدار شھدادڪوٽ جا رھواسي آھي، جيڪي فائرنگ بعد فرار ٿي ويا.
مقتولن جا لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيا، واقعي بعد ايس ايس پي سکر اصغر مغل واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ تفصيل معلوم ڪيا، جنھن بعد مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا.