شھدادپور ۾ نافرمان پٽ ماءُ جو ڳلو ڪپي ڇڏيو، عورت اسپتال منتقل، جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

شهدادپور(رپورٽ: عمر فاروق کوسو) : شهدادپور پوليس ماءُ تي حملو ڪرڻ جي الزام ۾ نوجوان کي گرفتار ڪيو آھي، پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ جوابدار ماءُ تي ڇرين جا وار ڪري سندس ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪئي وئي آھي.

پوليس موجب  واقعو شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع ھڪ گھر ۾ پيش آيو، جوابدار محمد علي ٿهيم پنهنجي پيرسن امڙ کي ڇرين سان حملو ڪري ڳلو ڪپي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي عورت کي سِمس اسپتال نيو ويو، کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب الزام هيٺ آيل جوابدار محمد علي ٿهيم کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏھن تہ وارثن طرفان فريادي ٿيڻ کان انڪار بعد پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ منشيات الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں