شهدادپور : (رپورٽ: عمرفاروق کوسو) شهدادپور جي عدالت شھر مان حددخلين خلاف آپريشن لاءِ چيف ميونسپل آفيسر کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت شهري راڻا تنوير راجپوت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار تنوير راجپوت عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهر جي علي چوڪ، هالا چوڪ، اسٽيشن روڊ، شاهي بازار، مدسره روڊ، سبزي منڊي، سوائي روڊ سميت مختلف علائقن ۾ حددخلين جي آزار سبب پنڌ هلڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، ميونسپل اختياريون ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن .
سي ايم او نذير احمد ڏهيو عدالت کي ٻڌايو تہ حددخلين ۽ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪاروائيون جاري آهن پر پوليس سيڪيورٽي نه هجڻ سبب ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو، ڪنهن جاني مالي نقصان کان بچڻ لاءِ سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.
عدالت ايس ايس پي سانگهڙ کي حڪم ڏنو ته شهر مان حددخليون هٽائڻ لاءِ ميونسپل عملدارن کي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، عدالت ميونسپل اختيارين کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.