اسلام آباد : وزيراعظم اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين لاءِ مفت علاج جي سهولت فراهم ڪندڙ وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام جو باقاعدہ آغاز ڪري ڇڏيو آهي۔
صحت ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تہ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ عوامي ڀلائي لاءِ عزم جو تسلسل آهي ۽ حڪومت عوام کي دروازي تي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رھي آهي۔
هن چيو تہ صحت زندگي جي سڀ کان قيمتي نعمت آهي، صحت هوندي تہ تعليم، راندين ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ممڪن آهي، اشرافيہ تہ پرڏيھي ملڪ ۾ مھانگو ڪرائي سگھي ٿي پر عام ماڻھو، مزدور ۽ غريب طبقي لاءِ علاج هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي، انهيءَ سبب هي پروگرام نهايت اهميت رکي ٿو۔
وزيراعظم هدايت ڪئي تہ پروگرام ۾ ٿرڊ پارٽي ذريعي شفافيت يقيني بڻائي وڃي۔
هن چيو تہ سنڌ ۾ بہ صحت ڪارڊ پروگرام جاري ڪرڻ جي تجويز غور ھيٺ آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهہ ٻولهہ ڪري انهي سلسلي ۾ حل ڪڍي سگهجي ٿو تہ اتي جي عوام کي بہ ھي سھولت ملي سگھي، جڏھن تہ خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ صحت سان لاڳاپيل پروگرام ڪاميابي سان جاري آهن ۽ اربين رپيا عوامي صحت تي خرچ ڪيا پيا وڃن….