راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف فليڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي تھ ‘معرڪھ حق’ ۾ شڪست کاڌل ڀارت دھشتگرد گروھن ذريعي ھائبرڊ جنگ کي ھٿي ڏئي رھيو آھي.
فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت پاران دھشتگرد تنظيمن جي پٺڀرائي جي مذمت ڪندي چيو تھ ڀارت ‘معرڪھ حق’ ۾ شڪست کانپوءِ پنھنجي مذمت جوڳين سازشن لاءِ پراڪسي وار کي وڌائي رھيو آھي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اھڙن خيالن جو اظھار نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي 16 ھين سيشن کي خطاب دوران ڪيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تھ فتنتھ الخوارج ۽ فتنتھ الھندوستان ڀارت جون ناڪام پراڪسيز آھن، پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم آھي پر ھر خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ بھ تيار آھي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير قومي يڪجھتي ۽ بلوچستان جي ترقي جي اھميت تي زور ڏيندي ڀارت جي پراڪسي جنگ جي مذمت ڪئي.
آرمي چيف دھشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جي مضبوط عزم جو اظھار ڪندي بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اڻٽر اھميت کي قومي يڪجھتي ۽ استحڪام لاءِ لازمي قرار ڏنو.
ھن ڀارت طرفان دھشتگرد گروھن جي کليل سرپرستي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو تھ اھا ھڪ ناڪام ڪوشش آھي، جيڪا بلوچستان جي عوام جي حب الوطني کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.
آرمي چيف چيو تھ ملڪ کي درپيش داخلي يا خارجي خطرن جي صورت ۾ قومي وقار ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيو ويندو.
ھن واضح ڪيو تھ ڀارت ‘معرڪھ حق’ ۾ شڪست کائڻ بعد پنھنجي مذمت جوڳين سازشن لاءِ پراڪسي وار کي وڌائي رھيو آھي. آرمي چيف ان ڏس ۾ فتنتھ الخوارج ۽ فتنتھ الھندوستان کي ڀارت جي ھائبرڊ وار جا مھرا قرار ڏنو.
آرمي چيف چيو تھ انھن گروھن جو بھ انشاءَ اللھ اھو ئي انجام ٿيندو جيڪو سندن اڳ وارن جو ٿيو آھي.
سمورن خطرن جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ فوج ھر وقت تيار آھي: آرمي چيف

فيلڊ مارشل عاصم منير زور ڏيندي چيو تھ دھشتگرد ڪنھن مذھب، مسلڪ يا قوميت جا پابند نھ ھوندا آھن، تنھن ڪري ھنن خلاف قومي سطح تي يڪجھتي ۽ اجتماعي عزم اڻٽر آھي.
پنھنجي خطاب ۾ آرمي چيف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن جي اھميت کي اجاڳر ڪيو ۽ مختلف ادارن جي وچ ۾ اثرائتي ھم آھنگي ۽ قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اپنائڻ تي زور ڏنو تھ جيئن صوبي جي ترقي ۽ ملڪي خوشحالي کي ھٿي ڏئي سگھجي.
آرمي چيف علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو تھ ملڪ کي درپيش اندروني يا پرڏيھي خطرن جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج ھر دم تيار آھي تھ جيئن قومي وقار جو تحفظ ۽ عوام جي سلامتي يقيني بڻائي سگھجي.
سيشن جي پڄاڻي تي آرمي چيف ۽ گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻھن جي وچ ۾ ھڪ کليل ڊائلاگ بھ ٿيو.