شڪارپور ۾ ڄڃ تي فائرنگ، گھوٽ سميت 3 ڄڻا قتل

فہرستِ مضامین

شڪارپور ۾ مھر- جتوئي تڪرار تان ڄاڃين تي فائرنگ سبب گھوٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آھن

رستم واري علائقي ۾ شڪارپور باءِ پاس تي اڻڄاتل ھٿياربندن ڄڃ تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گھوٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا ، جڏھن تہ عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن.

پوليس موجب مارجي ويلن ۾ گھوٽ الطاف مھر، سندس ڀاءُ نينگر محمد حسن مھر ۽ ڪار ڊرائيور شامل آھن

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پھچي مڙھ ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب واقعو مھر-جتوئي تڪرار تان پيش آيو آھي، ڄڃ شڪارپور شھر کان جيڪب آباد وڃي رھي ھئي ، حملي آورن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں