شڪارپور ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو، 9 ڏوھاري مارڻ جي دعويٰ، 2 ڊي ايس پيز ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي

فہرستِ مضامین

شڪارپور ڀرسان پوليس ۽ ڏوھارين  وچ ۾ مقابلي دوران 9 ڏوھاري مارجي ويا جڏھن تہ 2  ڊ ي ايس پيز ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيوآھي.

شڪارپور باءِ پاس وٽ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي  

پوليس موجب ڪارروائي دوران ڏوھارين جي فائرنگ ۾ 2 ڊي ايس پيز پارس بکراڻي سندس ور ڊي ايس پي ظھور احمد سومرو سميت پوليس اهلڪار منور زخمي ٿي پيا آھن، زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري آهي

پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ امداد شيخ، شهزادو ۽ شهزور شيخ سميت 9 ڏوھاري مارجي ويا آھن، جڏھن تہ علاقي ۾ سرچ آپريشن جاري آھي، جتي پڻ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي

پوليس جو چوڻ آھي تہ ڪجهہ ڏينهن اڳ ڏوھارين اناج منڊي مان چانورن جي واپاري کان 26 لک رپيا ڦر ڪيا ويا هئا، جنهنکان پوءِ ڊي ايس پي پارس بکراڻي جي سربراهي ۾ بائي پاس تي منڇر شاھ قبرستان ڀرسان آپريشن ڪيو ويو۔

پوليس موجب مارجي ويل ڏوھارين جا ڪيترائي ٿاڪ بہ مسمار ڪيا ويا آهن، جڏھن تہ وڌيڪ نفري ۽ رينجرز پڻ طلب ڪئي وئي آهي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں