شڪارپور ۾ انڙ_بروهي تڪرار جو غوث بخش مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو، 9 خون ثابت: 2 ڪروڙ 55 لک ڏنڊ جي فتويٰ

فہرستِ مضامین

شڪارپور ۾ انڙ_بروهي تڪرار جو غوث بخش مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو، 9 خون ثابت: 2 ڪروڙ 55 لک ڏنڊ جي فتويٰ

شڪارپور ۾ 9 زندگيون ڳڙڪائيندڙ  بروھي- انڙ تڪرار جو نبيرو ڪري ڌرين تي مجموعي طور 2 ڪروڙ 55 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويوآهي.

جرڳو ڪراچي ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيو، نبيري ۾ انڙ ڌر طرفان صعدالله انڙ، نعمت الله انڙ، بروهي ڌر طرفان رحيم بخش بروهي، عجب گل بروهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جرڳي ۾ ايم اين اي شھريار خان مهر، معظم عباسي ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا

جرڳي دوران بروھي برادري تي 8 ۽ انڙ برادري تي ھڪ ڄڻي جو قتل ثابت ٿيو، في خون جي بھا 25 لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

انجنيئر رفعت عباسي طرفان بروهي ڌر کي وڪرو ڪيل 350 جريب تڪراري زمين رحيم بخش بروهي کان واپس ڪري انڙ ڌر حوالي ڪئي وئي.

ڌرين تي مجموعي طور 2 ڪروڙ 55 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو

جرڳي بعد فتوا ٻڌائي وئي تھ بروھي برادري تي 8 ۽ انڙ برادري تي ھڪ ڄڻي جو قتل ثابت ٿيو آھي.

جرڳي دوران في خون جي بھا  25 لک رپيا مقرر ڪئي وئي.

جرڳي دوران فتويٰ ٻڌائي وئي تھ انجنيئر رفعت عباسي طرفان بروهي ڌر کي وڪرو ڪيل 350 جريب تڪراري زمين رحيم بخش بروهي کان واپس ڪري انڙ ڌر حوالي ڪئي وئي..

سنڌ ۾ برادري تڪرار

واضح رھي تھ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي برادري تڪرار ھلندڙ آھن، جن ۾ زميني تڪرار، سڱاوتي تڪرار، ڪارنھن ۽ ٻين مسئلن تي ھلندڙ تڪرار شامل آھن.

انھن تڪرارن ۾ ھيل تائين ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، جن ۾ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا بھ شامل آھن.

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جرڳن تي عدالت طرفان پابندي لڳائي وئي آھي پر مختلف برادري تڪرارن جا نبيرا ڪري ڌرين کي کيرکنڊ ڪيو ويندو آھي

اڪثر ھنڌن تي جرڳا ٿيڻ باوجود ڌرين ۾ ٻيھر جھيڙا ٿيندا آھن ۽ ڌريون ھڪٻئي تي اڳرائي جو الزام ھڻنديون آھن.

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار پروفيسر اجمل ساوند جھڙن ڪيترن ئي پڙھيل لکيل ماڻھن کان زندگيون کسي چڪا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں