شيخ ۽ باجڪاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو، باجڪاڻي ڌر  تي ھڪ ڪروڙ 82 لک 28 ھزار رپيا ڏنڊ مقرر

فہرستِ مضامین

شڪارپور ۾ شيخ ۽ باجڪاڻي ڌرين ۾ تڪرار تان قتل ٿيل ٽي ايم او اعجاز شيخ جي خون جو نبيرو پيپلز پارٽي جي ايم پي اي امتياز شيخ جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو.

نبيري ۾ اعجاز شيخ جي قتل ۽ زخمي سليمان جو باجڪاڻي برادري تي ھڪ ڪروڙ 82 لک 28 ھزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو.

نبيري ۾ باجڪاڻي ڌر جي امجد ۽ سندس ڀاءُ عامر باجڪاڻي تي ھڪ ڪروڙ 82 لک 28 ھزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو

اعجاز شيخ قتل ڪيس ۾ عدالت جوابدار امجد باجڪاڻي ۽ عامر باجڪاڻي کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں