شهدادپور ۾ ڀاءُ کي آپگهات کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان پاڻ به ٽرين هيٺان اچي ويو، ٻئي اجل جو شڪار

فہرستِ مضامین

رپورٽ: عمر فاروق کوسو/شهدادپور

 شھدادپور ويجھو ٽرين جي ٽڪر ۾ 2 ڀائر فوت ٿي ويا، اکين ڏٺن شاھدن موجب بند ڦاٽڪ گذرڻ جي انتظار ۾ بيٺل نوجوان مبينا طور اوچتو پاڻ کي اڇلائي ٽرين آڏو ڏئي آپگھات ڪيو، کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڀاءُ به ٽرين جي ٽڪر ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو.

ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر عمر فاروق موجب اِهو افسوسناڪ واقعو لنڊو ڦاٽڪ وٽ پيش آيو، فوتي ڀائرن جي سڃاڻپ ڳوٺ بھرام گوپانگ واسي محمد علي بروھي ۽ غلام علي بروھي جي نالي سان ٿي، جيڪي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ وڃي رھيا ھئا.

پوليس موجب لنڊو ڦاٽڪ ٽرين جي آمد سبب بند هئي، ڪراچي کان پنجاب ويندڙ عوامي ايڪسپريس کي گذرڻو هو، ٻئي نوجوان موٽر سائيڪل تي سوار هئا ۽ ڦاٽڪ بند هجڻ سبب اُتي بيٺل هئا. پوليس  موجب اکين ڏٺا شاهد ٻڌائين ٿا ته علي محمد بروهي نالي نوجوان ٽرين کي سامهون ايندي ڏسي اوچتو موٽر سائيڪل تان لهي ريلوي ٽريڪ تي وڃي بيٺو، اُتي موجود ماڻهو نوجوان کي ٽريڪ تان لهي وڃڻ لاءِ دانهون ڪندا رهيا ايتري ۾ اُتي موجود به جذباتي ٿيو.

پوليس ٻڌايو ته ڀاءُ کي ٽرين جي سامهون ڏسي غلام علي بروھي به ڊڪي وڃي ٽريڪ تي پهتو، ٽرين جي ٽڪر ۾ ٻئي ڀائر اجل جو شڪار ٿي ويا.

وارث ڪيس داخل نه پيا ڪرائين: پوليس

شھدادپور جي لنڊو ٿاڻي جي پوليس واقعي کي آپگھات قرار ڏنو آھي، پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته ٽرين آڏو پاڻ کي ڏئي مبينا آپگھات ڪندڙ محمد علي بروھي جو ذھني توازن ٺيڪ نه ھو.

پوليس موجب وارثن واقعي جي وڌيڪ جاچ کان انڪار ڪيو آھي ۽ واقعي کي حادثاتي قرار ڏيندي ڪنھن به قسم جي قانوني ڪارروائي يا ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي.

اجل جو شڪار ٿي ويل ٻنھي ڀائرن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد سندن اباڻي ڳوٺ بھرام گوپانگ ۾دفنايا ويا، ھڪ ئي وقت ٻن ڀائرن جا لاش کڄڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ ھر اک آلي ٿي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں