ڪراچي: سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي تہ سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جيڪو سانحي گل پلازه کانپوءِ پهريون اجلاس هو. اجلاس جي شروعات ۾ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ سندن درجات جي بلندي ۽ پونئرن کي صبر عطا ٿيڻ لاءِ دعا گهري وئي.
هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا گل پلازا سانحي کان پوءِ حڪومتي قدمن ۽ نقصان جي ازالي بابت فيصلن جي منظوري ڏني آهي.
سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن به جان جو ڪو مُلھھ ناهي هوندو ۽ ڪو به معاوضو حياتي واپس نٿو آڻي سگهي، پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت فوتين جي وارثن لاءِ في ماڻهو هڪ ڪروڙ رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته متاثر دڪاندارن کي فوري طور ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پنج پنج لک رپيا ۽ متبادل جاءِ فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.
مالي نقصان جي ڪاٿي بابت به ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهه ٻولھھ ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان واپارين سان گڏ بيٺل آهي، جيئن ماضي ۾ بولٽن مارڪيٽ ۽ ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن سان گڏ ھُئي.
هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا پاران وڏي وزير جي سربراهي ۾ سينيئر وزير، وزير قانون، مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ پورھئي واري وزير تي ٻڌل پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا جاچ رپورٽ جي روشني ۾ فيصلا ۽ ڪارروائيون ڪندي. هن چيو ته گل پلازا سانحو هڪ انتهائي وڏو سانحو هو ۽ شهيدن کي هميشه ياد رکيو ويندو. وزيراعليٰ سنڌ هن واقعي کان پوءِ لڳاتار اجلاس ڪري رهيو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي قدم کنيا پيا وڃن.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فائر آڊٽ سان گڏ عمارتن ۾ باهه کان بچاءَ وارن قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اثرائتو نظام تيار ڪيو پيو وڃي. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، فائر آڊيٽرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن تي ٻڌل ڪميٽيون سڄي صوبي ۾ عمارتن جو معائنو ڪنديون. هن واضح ڪيو ته حڪومت ڪنهن کي نقصان نھ پئي رسائي، پر واپارين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري رهي آهي. ھن واقعي رڳو ڪراچي شھر يا سنڌ صوبي جون نه، پر پوري ملڪ جي اکيون کوليون آھن، خاص طور تي پراڻن شهرن لاءِ جتي اهڙا حفاظتي نظام موجود ناهن.
شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم بابت خبرن کي رد ڪندي چيو ته اھو ھڪ شوشو ھو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. گھرو وزير واضح طور چئي چڪو آھي ته ڪنهن کان به سيڪيورٽي واپس ناهي ورتي وئي. خالد مقبول صديقي ۽ مصطفىٰ ڪمال هن وقت اسلام آباد ۾ آهن ۽ کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو مجاز آهن انھن کي سيڪيورٽي ملي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي وڌيڪ سيڪيورٽي جي ضرورت هجي ته هو حڪومت کي درخواست ڏئي، حڪومت ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته گل پلازه سانحي کان فوري پوءِ ناڪاري سياست شروع ڪئي وئي، جڏهن ته ان وقت ماڻهوپنھنجن پيارن جي ميتن جا منتظر هئا. ڪجهه ڌريون هن واقعي کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. مڪاني چونڊن کان به اهي ئي ماڻهو ان ڪري ڀڳا، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي انجام جو اندازو هو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گل پلازه سانحي جي شهيدن جي گهرن ڏانهن چيڪ پهچايا پيا وڃن ۽ صوبائي وزير پاڻ خاموشي سان وارثن وٽ وڃي امداد فراهم ڪندا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته جان جي ڪا قيمت ناهي هوندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومتِ سنڌ پاران اعليٰ سطح تي گل پلازه سانحي جي بارڪ بيني سان جاچ ڪئي پئي وڃي، ۽ جيڪڏهن وڌيڪ جاچ جي ضرورت محسوس ٿي ته عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان به پاسو نه ڪيو ويندو.
هڪ ٽي وي اينڪر طرفان ڪراچي بابت ڏنل تڪراري بيان بابت سوال تي هن چيو ته هو لاڳاپيل ٽي وي چينل جي انتظاميه کي اپيل ڪندو ته اهڙو بيان ڏيندڙ اينڪر خلاف اداري اندر جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن پاڪستان ٺاهيو، ۽ جنهن اسيمبلي ۾ اڄ ڳالهه ٿي رهي آهي، اها ئي سنڌ اسيمبلي هئي جنهن قيام پاڪستان جي قرارداد منظور ڪئي هئي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حافظ نعيم ۽ سندس جماعت سدائين ناڪاري سياست ڪئي آهي، سندن ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي، پر جيڪڏهن غير جمهوري رستو اختيار ڪيو ويو، هڙتالون ڪرايون ويون يا دڪان ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت شهرين جي تحفظ لاءِ سخت ڪارروائي ڪندي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير چيو شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گل پلازه واقعي کان پوءِ حڪومت لاهور مان فارنزڪ ٽيم گهرائي، جنهن سان حڪومت جي صاف نيت ظاهر ٿئي ٿي، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته پرڏيهي ماهر به گهرايا ويندا. ڪنهن به سرڪاري ذميوار پاڻ کي آجو قرار ناهي ڏنو.
گورنر سنڌ بابت سوال تي هن چيو ته گورنر سنڌ قابل احترام آهن، هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدليون معمول جو عمل آھي، ۽ جيڪڏهن ڪو کاتو پنهنجي صوابديد تي بدليون ڪري ٿو ته اهو ان جو اختيار آهي…..