شرجيل ميمڻ اورنگ لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سينيئر وزير شرجيل ميمڻ اورنج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي جو باضابطہ افتتاح ڪري ڇڏيو

تقريب دوران لاڳاپيل آفيسرن پاران شرجيل ميمڻ کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صوبائي وزير ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت اورنج لائن بي آر ٽي منصوبي تحت اورنگي کان نمائش تائين روٽ ٺاهيو ويو اھي، اڳ شهري شڪايت ڪندا هئا تہ گرين لائن تائين پهچڻ لاءِ الڳ سفر ڪرڻو پوي ٿو، پر هاڻ هڪ ئي ٽڪيٽ تي پورو سفر ممڪن ٿي ويندو۔

شرجيل ميمڻ چيو تہ منصوبي سان روزانو هڪ لک مسافرن کي سفري سهولت ملندي، گرين لائن جي رائيڊر شپ اڳ 55 هزار هئي جيڪا هاڻ 80 هزار تائين پهچي چڪي آهي، بس سروس ۾ سيڪيورٽي ڪيمرائن سميت سڀ ضروري سهولتون موجود آهن ۽ جلد عورتن لاءِ ڌار بسون بہ ھلايون وينديون ۔

هن چيو تہ نئين اي وي بسون بہ ڪراچي پهچي چڪيون آهن، سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، جيڪا شهرين لاءِ نئين سال جو تحفو آهي۔

امن امان بابت ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو تہ سنڌ پوليس ۽ ڳجھن ادارن وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، معصوم ٻارن کي ورغلائي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، والدين کي گهرجي تہ ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکن، هن زور ڏنو تہ ٻارن کي سوشل ميڊيا ذريعي غلط نظرين ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي خطري وارو عمل آهي۔

شرجيل ميمڻ چيو تہ معاشري ۾ عدم برداشت وڌي رھي آهي، دليل جي کوٽ تي تشدد جو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن بہ صورت قبول ناهي، قانون اهڙن واقعن تي سخت قدم کڻندو۔

آخر ۾ هن چيو تہ وزيراعظم ڪراچي لاءِ 150 بسن جو اعلان ڪيو هو، اميد آهي تہ وفاق پنهنجو واعدو وفا ڪندو

هن چيو تہ ڊبل ڊيڪر بسون ملير کان شاهراهہ فيصل تائين هلنديون ۽ ٽريفڪ مسئلن ۾ بهتري ايندي، جڏھن تہ پيپلزپارٽي قيادت هدايت ڪئي آهي تہ عوامي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي۔……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں