گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت خلاف فتح حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ ھڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اھم ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو دنگل گورنر ھائوس ۾ وڏي اسڪرين تي ڏيکاريو ويو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت پڻ ڪئي.
صحافين سان ڳالھائيندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو تہ جيڪڏھن قومي ٽيم کٽي ٿي تہ پاڻ ايئرپورٽ تي وڃي آجيان ڪندس.
ھن چيو تہ پاڪستاني ٽيم جيڪڏھن فتح حاصل ڪري ٿي تہ مٿس گلن جي ورکا ڪئي ويندي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو تہ قومي ٽيم جي فتح تي ڪراچي ۾ 3 ھزار مڻ مٺائي ورھائي ويندي.
سندس چوڻ ھو تہ جيڪڏھن قومي ٽيم فتح حاصل ڪئي تہ ھڪ ڪروڙ رپيا ڏيندس.