شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس: اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي سميت 4 پوليس اھلڪار اشتھاري ڏوھاري قرار

فہرستِ مضامین

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ انسپيڪٽر عبدالستار سمون سميت 4 اھلڪارن کي اشتھاري ڏوھاري قرار ڏئي ڇڏيو آھي.

ايف آءِ اي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو تھ سندن ٽيمون مختلف علائقن ۾ جوابدارن جي ٻڌايل رھائشگاھن تي ڇاپا ھڻي چڪيون آھن پر کين ڪاميابي نھ ملي سگھي.

عدالت تحريري حڪمنامي ۾ چيو آھي تھ اڳوڻو ايس ايس پي چوڌري اسد آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد جو رھائشي آھي، واڳيل علائقن جا ايس ايس پيز عدالت کي مطمئن نھ ڪري سگھيا تھ ھنن گرفتاري لاءِ ڪھڙي ڪارروائي ڪئي آھي.

عدالت پوليس جي تحويل ۾ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي سميت 4 اھلڪارن کي اشتھاري ڏوھاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڳوڻو ايس ايس پي اسد چوڌري بھ روپوش ڏوھاري قرار ڏنو ويندو

ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ فريادي ايڊوڪيٽ ابراھيم ڪنڀر فيصلي جي آجيان ڪندي ٻڌايو تھ عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون ۽ ٻن سپاھين کي روپوش ڏوھاري قرار ڏنو آھي.

ھن چيو تھ لاڳيتو روپوش رھندڙ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري بابت اتان جي ايس ايس پيز ڪا بھ رپورٽ پيش نھ ڪئي.

 فريادي ايڊوڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل چيو تھ ايندڙ ٻڌڻي تي واڳيل ايس ايس پيز پنھنجيون رپورٽس پيش ڪندا، جنھن بعد اميد آھي تھ اڳوڻي ايس ايس پي اسد چوڌري کي بھ روپوش ڏوھاري قرار ڏنو ويندو.

گذريل ٻڌڻي تي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ختم ڪندي ايف آءِ اي پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو ھو.

عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي چوڌري اسد علي، اڳوڻي سب انسپيڪٽر عبدالستار سمون، ڪانسٽيبل لکمير  ۽ ڪانسٽيبل محمد صديق جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم بھ ڏنو ھو.

ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ وڏا انڪشاف

پوليس توڙي ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري ۽ اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي.

ايف آءِ آرز ۾ اڳوڻي انچارج سي آءِ اي عنايت زرداري، اڳوڻي ايس ايڇ او سنڌڙي نياز کوسو ۽ پير عمر جان سرھندي سميت 23 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي.

ايف آءِ اي پاران فيبروري ڌاري عدالت ۾ جمع ڪرايل قتل ڪيس جي حتمي چالان ۾ اھا دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ ۾ سي آءِ اي پوليس جي ٻن اھلڪارن نادر پرويز ۽ غلام قادر جا سرڪاري ھٿيار استعمال ٿيا ھئا.

ايف آءِ اي جي چالان ۾ اھو بھ چيو ويو ھو تھ اڳوڻو ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري سان ۽ اڳوڻو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ وري مولوي عمر جان سرھندي سان فون تي رابطي ۾ ھو.

توھين مذھب جي الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي 9 سيپٽمبر 2024 تي پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ھو، پوليس پاران وارثن حوالي ڪيل لاش کي مڇريل ماڻھن باھھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ھو.

22  سيپٽمبر تي وڏي وزير مراد علي شاھ ان وقت جي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ ان وقت جي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، بعد ۾ ٻين آفيسرز کي بھ معطل ڪيو ويو.

26  سيپٽمبر تي سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ لنجار پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ھو تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ وارو پوليس جو مقابلو جعلي ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں