شاھراھ ڀٽو جو ھڪ حصو لڙھي وڃڻ واريون خبرون، وزيراعليٰ ھائوس جي ترجمان جي وضاحت

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) وزيراعليٰ ھائوس سنڌ جي ترجمان ملير ايڪسپريس وي يعني شاھراھ ڀٽو جو ھڪ حصو برسات ۾ لڙھي وڃڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آھي.

 سي ايم ھائوس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تھ شاھراھ ڀٽو جو تعمير ھيٺ حصو برساتي پاڻي ۾ ھيٺ ھليو ويو، جنھن تي اڃا تائين ڪم جاري آھي.ترجمان موجب ڊھي پيل روڊ شاھراھ ڀٽو جو ھڪ حصو آھي، جيڪو اڃا تائين ٽريفڪ لاءِ ناھي کوليو ويو، شاھراھ ڀٽو جو جيڪو سيشن ٽريفڪ لاءِ کليل آھي، اھو شھري استعمال ڪري رھيا آھن.

سي ايم ھائوس جي ترجمان وڌيڪ ڄاڻايل تھ تيز برساتن باوجود شاھراھ ڀٽو قيوم آباد کان قائد آباد تائين محفوظ ۽ ٽريفڪ لاءِ بھترين سفر آھي، وڏي وزير مراد علي شاھھ اڄ صبح ميڊيا جي نمائندن سان گڏ قائد آباد تائين جو سفر ڪيو ھو.وزيراعليٰ ھائوس جي ترجمان وڌيڪ چيو تھ شاھراھ ڀٽو ھڪ بھترين روڊ آھي، تنھن ڪري غير ضروري پروپئگينڊا کان پاسو ڪيو وڃي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جي ترديد

ھوڏانھن سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديھ جاويد بھ شاھراھ ڀٽو جو ھڪ حصو ٻڏي وڃڻ وارين خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي ڄاڻايو تھ ھن پنھنجي سفر جي شروعات شاھراھ ڀٽو سان ڪئي،اوھان ڏسي سگھي ٿو تھ ھي شاھراھ مڪمل طور تي فعال آھي، ٽريفڪ روان دوان آھي، عوام کي گذارش آھي تھ افواھن تي ڌيان نھ ڏئي.

سعديھ جاويد چيو تھ جڏھن نيون شاھراھون ٺھنديون آھن تھ انھن ۾ معمولي ھيٺانھين مٿانھين فطري عمل آھي، جيڪا نشاندھي بعد ٺيڪ ڪئي ويندي آھي، شھر کي ڏانگ وانگر ڏنگيندڙ سدائين روئندا رھندا آھن.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي تنقيد

ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي تنقيد ڪندي سنڌ حڪومت جِي ترجمان چيو تھ اھي ھڪٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن، جڏھن ھي تنقيد ڪري آرامي ھوندا آھن تھ جيالو ميئر، چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميھ صبح 6 وڳي روڊن تي موجود ھوندا آھن.

سعديھ جاويد چيو تھ ماضي ۾ رت جي برسات ڪندڙن کي سدائين برسات بھ بـُري لڳندي آھي، گذريل ڏينھن گورن صاحب جي کوٽ جماعت اسلامي وارن پوري ڪري ڇڏي، ھي پنھنجي گاڏين کي ڌڪا لڳرائي فوٽيجز ٺاھڻ ۾ پورا آھن، عوام کي اپيل آھي تھ ڪنھن بھ ققسم جي افواھن تي ڌيان نھ ڏين.

شاھراھ ڀٽو بابت وڊيو

واضح رھي تھ سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل آھي، جنھن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي تھ اھا شاھراھ ڀٽو جي آھي، جنھن جو ھڪ حصو برساتي پاڻي ۾ لڙھي ويو آھي، جنھن جي سنڌ حڪومت پاران ترديد ڪئي وئي آھي.

بلند خان جوڻيجو جو بيان

سنڌ حڪومت جي ترجمان بلند خان جوڻيجو ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ھو تھ شاھراھ ڀٽو  جو ڪو بھ حصو لڙھي نھ ويو ھو، جيڪو مرمت ھيٺ آھي، ان کي ڪٽ لڳايو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں