ڪراچي: ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ شاداب خان کي ٽيم مان ٻاهر ويهارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم مقابلي ۾ ڀارت پاڪستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ قومي ٽيم جا فاسٽ بالر ۽ اسپنرز مڪمل طور تي ناڪام نظر آيا.
176 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي بيٽرن هميشه وانگر قوم کي مايوس ڪيو. عثمان خان کان سواءِ ڪو به رانديگر وڪيٽ تي وڌيڪ دير تائين بيهي نه سگهيو، جڏهن ته ٽيم جا 7 رانديگر 20 رنسون نه ٺاهي سگهيا.
ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خان آفريدي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته “سينيئر رانديگرن کي هاڻي ٻاهر ويهاريو وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي نون رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن ٽيم ۾ تبديلي اچي سگهي.”