ڪراچي مان گم ڄاڻايل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ مختلف شھرن ۾ مظاھرن سان گڏ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان پڻ رابطو ڪيو ويو آھي، عدالت درخواست تي آءِ جي سنڌ، گھرو کاتي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ غني امان جي بازيابي بابت سنڌ ڀيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ويو تہ غني امان ڪراچي جي اسپتال ۾ ڌيءُ جي علاج لاءِ موجود ھو، جتان غائب ڪيو ويو، عدالت کيس بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ گم ٿيل شاگرد اڳواڻ جي بازيابي بابت درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورت.
عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان جواب طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
حيدرآباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم

ڪراچي مان مبينا طور گم ڪيل شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ۾ لڳل ڌرڻو 20 ڪلاڪن کانپوءِ ختم ڪيو ويو آھي.
حيدرآباد ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ واڌو واھ تي ڌرڻو ھنيو ويو، جيڪو 20 ڪلاڪن تائين جاري رھيو.
ايس ايس پي عديل چانڊيو مظاھرين سان ڳالھيون ڪري غني امان جي بازيابي لاءِ 36 ڪلاڪن جي مھلت گھري ورتي.
غني امان جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي حيدرآباد جي خاطري تي 20 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻوختم ڪري ڇڏيو، جنھن بعد باءِ پاس تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مظاھرين چيو تہ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو غني امان جي بازيابي لاءِ 36 ڪلاڪن جي مھلت گھري آھي، ايس ايس پي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو پيو وڃي، پر جيڪڏھن نوجوان بازياب نہ ٿيو تہ ٻيھر ڌرڻو ھنيو ويندو.
سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا

شاگرد اڳواڻ غني امان جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي، ٽنڊي ڄام ۾ بہ شاگردن پاران غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽنڊو محمد خان، مورو، ڪوٽ غلام محمد، سيتا روڊ، وارث ڏنو ماڇي، ميرو خان ۽ ٻين شھرن ۾ بہ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي تہ شاگرد اڳواڻ غني امان کي ڪراچي مان گم ڪيو ويو آھي، ھن وقت تائين کيس بازياب ناھي ڪرايو ويو، غني امان کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.