شام ۾ آمريڪي ۽ شامي فوجين تي فائرنگ، ٻن آمريڪي فوجين سميت 3 آمريڪي مارجي ويا

فہرستِ مضامین

دمشق : شام جي قديم شهر تدمر (پالميرا) ويجهو گڏيل گشت دوران آمريڪي ۽ شامي فوجن تي فائرنگ جي واقعي ۾ ٻن آمريڪي فوجين  سميت 3 آمريڪي شهري مارجي ويا آھن.

آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ موجب حملي ۾ هڪ آمريڪي شهري ترجمان ۽ ٻہ آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏھن تہ 3 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا آھن.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب حملي آور جو تعلق عالمي دهشتگرد تنظيم داعش سان هو، جنهن کي موقعي تي ئي ماريو ويو.

ان کان اڳ شام جي سرڪاري خابرو اداري موجب حملي ۾ شامي سيڪيورٽي فورسز جا گهٽ ۾ گهٽ 2 اهلڪار، جڏھن تہ گهٽ ۾ گهٽ 4 آمريڪي فوجي زخمي ٿيا آھن.

شامي خابرو اداري موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران حملي آور مارجي ويو، پر ان جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں