شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ شرابي نوجوان پنهنجي ئي گولي سان مارجي ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيو ڪراچي جي علائقي ۾ شادي جي هڪ تقريب دوران هوائي فائرنگ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي ئي فائر ڪيل گولي لڳڻ سبب حيات وڃائي ويٺو.

پوليس موجب واقعي جو مرڪز نيو ڪراچي سيڪٽر 11-F، جامع مسجد خضرا جي ڀرسان هو، جتي شادي جي تقريب دوران مهمانن ۾ شامل 35 ورهين جو فيروز خان مبينا طور شراب جي نشي ۾ هوائي فائرنگ شروع ڪئي.

ابتدائي جاچ موجب فائر ڪيل گولي آسمان ڏانهن وڃڻ بعد واپس اچي فيروز خان جي مٿي تي لڳي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهي سگهيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي فيروز خان ڪورنگي جو رهائشي هو ۽ شادي جي تقريب ۾ بطور مهمان شرڪت لاءِ آيو هو. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

اختيارين موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته غير ذميوارانه هٿياربازي ۽ هوائي فائرنگ جي روڪٿام لاءِ قانوني ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں