سھيل آفريدي پاران ڪي پي ۾ دھشتگردي وڌڻ جي ذميوار وفاقي حڪومت قرار، پوليس کي ڏنل بُلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخواھ جَي وڏي وزير سھيل آفريدي صوبي ۾ دھشتگردي وڌڻ جو ذميوار وفاقي حڪومت جي پاليسين کي قرار ڏيندي پوليس کي ڏنل بُلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.

وڏي وزير سھيل آفريدي جي صدارت ھيٺ پھريون باضابطا طور اجلاس ٿيو، جنھن ۾ وڏي وزير کي صوبائي حڪومت جي گڊ گورننس روڊ ميپ جي مختلف پھلوئن تي بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تہ گڊ گورننس روڊ ميپ ٽن وڏن شعبن تي ڌيان ڏئي ٿو، جن شعبن ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي، امن امان ۽ معيشت شامل آهن۔

پوليس ۽ عوام کي ڀيٽا پيش

وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري تي ڪي پي ۾ عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دٻاءُ باوجود عوام جي مينڊيٽ کي تحفظ ڏيڻ تي بيوروڪريسي ۽ پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيان  ٿو.

سهيل آفريدي جو چوڻ هو تہ وفاقي گهرو وزير پوليس کي جيڪي بُلٽ پروف گاڏيون مهيا ڪيون آهن، اهي ناقص ۽ پراڻيون آهن، جيڪو خيبرپختونخوا پوليس جي توھين آهي، انهن گاڏين کي واپس ڪيو وڃي.

ھن چيو تہ اڳوڻن وڏن وزيرن کان ورتل سيڪيورٽي بہ واپس ڏني وڃي جيئن انھن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگھجي.

سھيل آفريدي چيو تہ امن امان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ان تي ڪا بہ سوديبازي قبول نہ ڪئي ويندي، پوليس کي فنڊز جي کوٽ کي منهن نہ ڏيڻو پوندو، پوليس کي جديد اوزارن ۽ هٿيارن سان ليس ڪيو ويندو.

وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب دهشتگردي واپس آئي

وڏي وزير چيو تہ وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب صوبي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي واپس آئي آهي، وفاقي حڪومت اسان کي دھشتگردي خلاف جنگ لاءِ فنڊز سميت ٻين آئيني حقن کان محروم ڪري رھي آهي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو تہ وفاق کي گهرجي تہ اسان جي قربانين جو احساس ڪري، ۽ اسان جا فنڊز وقت تي جاري ڪري، جيڪڏھن اسان کي پنهنجا فنڊز مليا تہ پوليس کي مضبوط بڻائي، دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهون ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں