خيبرپختونخواھ جي نئين وڏي وزير جي حلف برداري تقريب اڄ گورنر ھائوس ۾ ٿيندي، گورنر ھائوس وزيراعليٰ ھائوس کي تقريب بابت آگاھ ڪري ڇڏيو .
گورنر ڪي پي ڪي پشاور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد نئين چونڊيل وڏي وزير سھيل آفريدي کي حلف کڻائڻ لاءِ سنڌ جو دورو مختصر ڪري پشاور پھچي ويو آھي.
پشاور ھاءِ ڪورٽ گورنر کي اڄ شام 4 وڳي تائين وڏي وزير کي حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو ھو ۽ ان سان گڏ اھو بہ چيو تہ جيڪڏھن گورنر موجود نہ ھجي تہ اسپيڪر صوبائي اسيمبلي عھدي جو حلف کڻائي.
اسپيڪر ڪي پي اسيمبلي پڻ گورنر کي خط لکي چيو آھي تہ گورنر بنا دير وڏي وزير کي حلف کڻائي ٻي صورت ۾ عدالت جي حڪم تحت اسپيڪر طور کيس حلف کڻائڻ جو اختيار ھوندو.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.