خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي پاران پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي اڊيالا جيل ڀرسان ڌرڻو ھنيو ويو.
ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا اڳواڻ بہ موجود ھئا.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڌرڻي سبب اڊيالا جيل روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
سھيل آفريدي جي ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران نعريبازي بہ ڪئي وئي.
ڪجھ دير ڌرڻي بعد ڪي پي جو وڏو وزير سھيل آفريدي واپس روانو ٿي ويو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد اڊيالا جيل روڊ تي ٽريفڪ جي رواني بحال ٿي وئي۔