سڪرنڊ ۾ قومي شاھراھ تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار

فہرستِ مضامین

سڪرنڊ ۾ قومي شاهراهہ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل تي سوار چار ڄڻا فوت ٿي ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري ھنڌ پھچي مڙھ اسپتال منتقل ڪيا

پيالا هوٽل وٽ تيز رفتار اڻڄاتل گاڏي موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر ھنيو، جنھن جي نتيجي ۾ سعيد آباد لڳ ڳوٺ اول ڇڇر واسي 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

فوتين ۾ 20 ورھين جو سھيل کوکر، اشرف لاکو، امام بخش ۽ 11 ورھين جو سليمان کوکر شامل آھن.

فوتي شرف الدين لاکو جي ڀاءُ اسپتال پھچي سندن سڃاڻپ ڪئي ۽ ٻڌايو تہ ڀاءُ مائٽن سان گڏ سعيد آباد کان سڪرنڊ وڃي رھيوھو تہ حادثو پيش آيو.

موٽروي پوليس موجب حادثو نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سبب پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

فوتين جا مڙھ سڪرنڊ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں