سکر (رپورٽ: حيدر ميراڻي) جي يو آءِ (ف) جي ميزباني ھيٺ سکر ۾ سنڌ امن جرڳو جي عنوان سان منعقد ڪيل تقريب ۾ صوبي اندر بدامني خلاف 11 سيپٽمبر تي ڪشمور کان سنڌ امن مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.
امن جرڳي دوران روھڙي جي سنگرار واري علائقي مان 4 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر ڪرپال تي حملي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا بھ ڪيا ويا.
امن جرڳي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو ۽ ابراهيم جتوئي اعلان ڪيو تھ 11 سيپٽمبر تي ڪشمور مان امن مارچ شروع ڪري ڪراچي ۾ سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.
نبيري لاءِ 34 رڪني ڪميٽي قائم
امن جرڳي ۾ مختلف برادرين جا 34 چڱا مڙس، سردار ۽ وڏيرا شريڪ ٿيا، امن جرڳي ۾ 35 ڄڻن تي ٻڌل ھڪ ڪميٽي بھ جوڙي وئي، جيڪا جھيڙيندڙ قبائلي ڌرين ڏانھن تڪرارن جي خاتمي لاءِ منٿ ميڙ قافلا وٺي ويندي.

جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري، محمد ابراهيم جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي، وسيلن تي ڌاڙي، بدامني ۽ لاقانونيت جي صورتحال ڪنهن کان ڳجهي نھ آھي.
هن چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا ڪيترائي ضلعا نو گو ايريا بڻجي چڪا آهن، معصوم ٻارن سميت ساڍا چار سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي چڪا آهن.
جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ چيو تھ منھنجي والد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ۽ سينيئر صحافي جان محمد مهر سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي شھيد ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر ڪرپال داس تي حملي جھڙا واقعا بھ پيش اچي رھيا آھن.
ھن چيو تھ وزيرن پاران جڏھن ڪي پي ۽ بلوچستان کان سنڌ جون حالتون بھتر ھجڻ جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي تھ حيرت ٿئي ٿي، ھتي سرڪاري ملازمن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کي ھٿيار فراھم ڪيا وڃن ٿا.
راشد محمود سومري چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ جوابدار شيرو مهر کي قتل ڪرڻ بعد جعلي مقابلو ظاھر ڪيو ويو تھ جيئن مقابلي جي مد ۾ رقم حاصل ڪري سگھجي.
ھن چيو تھ صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جنهن ايس ايس پي جي تعريف ڪندي نظر اچي ٿو، اصل ۾ اهو پاڻ ڌاڙيلن سان مليل آهي. سنڌ امن جرڳو پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
آرمي چيف کي سفارشون موڪلبيون؟
راشد محمود سومرو چيو ته 25 آگسٽ تي ڪراچي ۾ امن امان بابت اهم گڏجاڻي ٿيندي، جنهن کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا، گڏجاڻي جون سفارشون آرمي چيف، ڊي جي رينجرز، گورنر ۽ وڏي وزير کي اماڻيون وينديون.
ھن چيو ته مذھبي عالمن، نيڪ مردن ۽ چڱن مڙسن تي ٻڌل ھڪ 34 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا مختلف علائقن ۾ جاري خوني تڪرارن جي نبيري لاءِ جھيڙيندڙ ڌرين وٽ منٿ ميڙ قافلا وٺي ويندي.
جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ چيو ته11 سيپٽمبر تي ڪشمور مان شروع ٿيندڙ سنڌ مارچ مختلف ضلعن مان ٿيندو ڪراچي پھچندو، جتي سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.
راشد محمود سومرو چيو تھ ڌرڻي دوران وڏي وزير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جي يو آءِ اڳواڻ چيو تھ سمورن سياسي، سماجي، مذهبي ۽ هر طبقي جي ماڻهن کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏين ٿا.
پريا ڪماري جي بازيابي
جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ چيو تھ سنگرار مان 4 سال اڳ اغوا ڪيل ٻارڙي پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ شڪارپور پوليس ھٿان گرفتار ڪيل بي گناھ عورتن ۽ مردن کي آزاد ڪيو وڃي.
راشد سومرو چيو تھ اڄوڪي امن جرڳي ۾ سنڌ جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سردارن ۽ چـڱن مڙسن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي ھئي، پر رڳو 34 اڳواڻ شريڪ ٿيا.
ھن چيو تھ ھي ٻيو امن جرڳو آھي جنھن ۾ اھي سردار ۽ ڀوتار شريڪ نھ ٿيا آھن، امن جرڳي ۾ شرڪت نھ ڪرڻ مان خبر پوي ٿي تھ ھو سنڌ ۾ امن جي قيام لاءِ ڪيترا سنجيدھ آھن.