سکر: پوليس پاران بدنام ڏوھاري سلطان شاھ کي پٽ سميت مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

سکر: دھشت جي علامت سمجھيو ويندڙ بدنام ڏوھاري سلطان شاھ کي پوليس مقابلي ۾ پٽ حبدار شاھ سميت مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، حڪومت پاران سلطان شاھ تي 20 لک رپيا انعام بہ رکيل ھو.

مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاري سلطان شاھ تي مختلف ٿاڻن تي اغوا، قتل، ڦرن، ڀتاخوري ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين قسمن جا 48 ڪيس داخل ٿيل ھئا.

سکر پوليس موجب سلطان شاھ 2008 ۾ ان وقت جي گھرو وزير ذوالفقار مرزا جي موجودگي ۾ ھٿيار ڦٽا ڪيا ھئا،  ڪجھ سال مقامي سياست ۾ بہ سرگرم رھيو، جڏھن تہ آزادي کانپوءِ ٻيھر وارداتون بہ ڪيون، جوابدارن روھڙي ۾ ڦر دوران نينگر کي بہ زخمي ڪيو ھو.

پوليس موجب پيڇو ڪرڻ دوران سول اسپتال ويجھو سلطان شاھ پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ ھڪ اھلڪار بہ زخمي ٿيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ سلطان شاھ  ۽ سندس پٽ مارجي ويا.

پوليس موجب سلطان شاھ 2008 ۾ ان وقت جي گھرو وزير ذوالفقار مرزا جي موجودگي ۾ ھٿيار ڦٽا ڪيا ھئا ۽ 2008 کان 2013 تائين مقامي سياست ۾ بہ سرگرم رھيو.

سلطان شاھ سال 2013ع جي عام چونڊن ۾ سکر جي سيٽ تان اليڪشن بہ وڙھيو ھو………..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں