سکر جرڳي جو وڏو فيصلو: گهوٽڪي جي خوني تڪرار ۾ 84 قتل ثابت، 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر  22 خون “فوڪ” ۾ وڃڻ تي سوال

فہرستِ مضامین

سکر: گهوٽڪي ضلعي جي رانوتي واري ڪچي جي علائقي ۾ هلندڙ ڊگهي عرصي جي خوني تڪرار جو نبيرو سکر ۾ ٿيل وڏي جرڳي ۾ ڪيو ويو، جتي سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنجي هيٺ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دير سان فتويٰ جاري ڪئي وئي. فيصلي ۾ ست برادرين جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي جا 84 قتل ۽ 79 زخمي ثابت ڪري، مجموعي طور تي 30 ڪروڙ 55 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 22 قتل ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي “فوڪ” ۾ وڃڻ تي سوال اڀري آيا آهن.

فيصلو دير سان ڇو؟ :

جرڳي جي سربراهه سردار علي گوهر خان مهر موجب، فيصلي ۾ دير جو سبب ڌرين جا تضاد ڀريا بيان هئا. هن چيو ته: “ڌرين سچ نه پئي ڳالهايو، نه ئي خون باسڻ لاءِ تيار هيون. فيصلا بيانن جي بنياد تي ٿيندا آهن، غيب جو علم ته رڳو الله وٽ آهي، اسان اصلاح خاطر انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”

جرڳي جا امين ۽ مشير:

فيصلي جا امين چنگيز خان پنهور، غوث بخش مهر، ابراهيم جتوئي ۽ مير عابد جتوئي هئا، جڏهن ته ڪريم ڏنو بڊاڻي مشير طور شامل رهيو.

106 قتل، پر 84 ئي ڇو ڳڻيا ويا؟

ذريعن موجب تڪرار ۾ مجموعي طور 106 ماڻهو قتل ۽ 200 زخمي ٿيا هئا، پر جرڳي ۾ رڳو 84 قتل تسليم ڪيا ويا.

 ذريعن موجب فيصلي ۾ 22 قتلن تي ڌرين پاران وڏو بحث ٿيو، جن جا ماڻھو مارجي ويا هئا ان برادري جي چڱن مڙسن جو زور هو ته اهي قتل پوليس جي کاتي ۾ وجهڻ بدران فيصلي ۾ پاڙيا وڃن ۽ جيڪا ڌر ملوث هجي ان تي ڏنڊ رکيو وڃي، فيصلي جي سرپئنچ سردار علي گوهر مهر جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ڪرمنل هئا، پوليس مقابلن ۾ ماريا ويا آهن، انهن کي قبيلائي جهيڙن ۾ شمار نه ڪيو ويندو، هڪڙي موقعي تي جڏھن ڌريون خون باسڻ لاءِ تيار نه هيون ۽ ڌرين پاران غلط بياني ڪئي پئي وئي ته فيصلي جو سرپئنچ سردار علي گوهر مهر ناراض ٿي نڪري آيو ۽ نتيجي ۾ فيصلي جي فتويٰ ۾ دير ٿي، اهڙي صورتحال بعد ضلعي انتظاميا، سنڌ حڪومت ۽ اصل وس وارن کي مداخلت ڪرڻي پئي، مٿان کان پوندڙ سخت دٻاءَ پوڻ کانپوءِ ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿيون. فيصلي ۾ کليل طور تي اهو چيو ويو ته اهي خون  “خانگي فورس” جي ڪارروائين دوران ٿيا، تنهن ڪري اهي پوليس کاتي ۾ ويا ۽ جرڳي جي حساب سان “فوڪ” ۾ شامل ڪيا ويا.

سکر جرڳي ۾ عام ماڻهو جي قتل جو عيوضو: 25 لک رپيا، چڱي مڙس جو قتل 35 لک رپيا، وڏيري/اثرائتي شخصيت: ڊبل، يعني 50 لک رپيا، عورت جي قتل جو عيوضو به 50 لک رپيا مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو تفريق تي ٻڌل هو ڇو ته انساني زندگي برابر هجي ٿي، ملڪ جي عدالتي نظام، آئين ۽ قانون ۾ سڀ شهري برابر آهن. جرڳائي نظام سڌو سنئون عدالتي نظام، قانون ۽ آئين سان سڌي ٽڪراءَ ۾ آهي، ان ڪري سکر جرڳو پهرين ڏينهن کان سوالن جي زد ۾ آيل آھي.

 فيصلي ۾ شهريار خان شر تي حملي جو ڏنڊ 25 لک رپيا، فوتي علي محمد خان شر ۽ محمد عمر شر هر هڪ لاءِ 50 لک رپيا، زخمين لاءِ الڳ الڳ ادائيگيون، مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 40 لک رپيا سيلرا ڌر ادا ڪندي.

مختلف برادرين جا نقصان ۽ ادائيگيون:

شر برادري21 قتل، 32 زخمي

6 ڪروڙ 53 لک رپيا سيلرا. ڌونڌو. ڀٽا. ماڇين  طرفان ادا ڪيا ويندا.

سيلرا برادري جا جل ھڪ عورت سميت 19 قتل،

5 ڪروڙ 84 لک 50 هزار رپيا شر ڌر ڀريندي.

ڀٽو برادري جا 13 قتل، 8 زخمي

3 ڪروڙ 62 لک رپيا شر برادري ڀريندي.

ڌونڌو برادري جا 8 قتل، 9 زخمي

2 ڪروڙ 40 لک 50 هزار رپيا شر ڀريندا.

ماڇي برادري جا 6 قتل، هڪ زخمي

ھڪ ڪروڙ 62 لک 50 هزار رپيا شر ڀريندا.

ٻين ڌرين جا فيصلا

مهر: 2 قتل، 2 زخمي — 67 لک 50 هزار

تڙت: 3 قتل — 75 لک

ڪوش: 3 قتل — 75 لک

ادائيگي جو شيڊول:

پهرين قسط: هڪ مهيني اندر

ٻي قسط: 30 جنوري 2027

ٽين قسط: 30 مئي 2027

ادائيگيون ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي ۾ ڌرين جي موجودگي ۾ ٿينديون.

مستقبل لاءِ سخت شرط:

جرڳي خبردار ڪيو آهي ته: “هاڻ جيڪا ڌر اڳرائي ڪندي، ان تي 80 لک رپيا اضافي ڏنڊ لاڳو ٿيندو ۽ اهو قبيلائي جهيڙو نه پر ڪرائيم تصور ڪيو ويندو.”

پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر جرڳي ۾ شرڪت نه ڪئي.

ذريعن موجب سندس موقف هو ته: “هي قبيلائي تڪرار نه پر ذاتي حملو آهي، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، فيصلو عدالت ڪندي.”

جرڳائي نظام تي وڏو سوال

هي جرڳو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ عدالتي نظام جي ڪمزوري تي سوال اٿاري ٿو.

مهانگا وڪيل ۽ ڊگها ڪيس

حڪومتي سرپرستي هيٺ جرڳائي نظام

۽ “فوڪ” ۾ ويندڙ خون

اهي سڀ عنصر انصاف جي روايتي نظام کي چيلينج ڪن ٿا.

گهڻن ڪيسن ۾ ڏٺو ويو آهي ته خون بها ذريعي قتل جا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٿا، جنهن سان متاثر ڌرين کي مڪمل انصاف نٿو ملي.

سکر جرڳي جو فيصلو هڪ وڏو قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پر 22 قتلن جو “فوڪ” ۾ وڃڻ، جرڳائي انصاف جي شفافيت ۽ قانوني حيثيت تي سنجيده سوال ڇڏي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں