آسٽريليا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سڊني جي سامونڊي پٽي بونڊائي تي ٿيل حملي ۾ شامل ٻئي حملي آوور پيءُ پٽ هئا، جن مان هڪ مارجي ويو آهي، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي آهي۔ پوليس موجب حملي آوورن جي فائرنگ سبب مارجي ويل شهرين جو انگ 15 آهي، مقتولن ۾ 10 کان 87 سالن تائين جا شھري شامل آھن.
آسٽريليا جي ميڊيا گذريل ڏينهن سڊني جي ساحل بونڊائي تي فائرنگ ڪري 15 ماڻهن کي قتل ڪندڙ حملي آوورن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي ساجد اڪرم ۽ سندس 24 ورهين جي پٽ نويد اڪرم طور ڪئي آهي۔ ساجد اڪرم واقعي واري هنڌ تي ئي مارجي ويو هو، جڏهن ته نويد اڪرم ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي۔
حملي آوورن بابت ھيل تائين مليل ڄاڻ
ساجد اڪرم 1998ع ۾ اسٽوڊنٽ ويزا تي آسٽريليا آيو هو، جيڪو 2001ع ۾ پارٽنر ويزا ۾ تبديل ڪيو ويو۔ ان کانپوءِ کين ريزيڊنٽ ريٽرن ويزا جاري ڪيا ويا۔

ساجد اڪرم وٽ شڪار لاءِ هٿيارن جو لائسنس هو ۽ هو هڪ گن ڪلب جو ميمبر به هو، ٻيو حملي آوور نويد اڪرم آسٽريليا ۾ ئي پيدا ٿيو هو، جيڪو ساجد اڪرم جو ئي پٽ آھي.
نويد اڪرم پهريون ڀيرو 2019ع ۾ آسٽريلوي اختيارين جي نظر ۾ آيو هو۔ پر آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز موجب، ان وقت جاچ ڪندڙن کي اهو نه لڳو ته هو ڪنهن خطري جو سبب ٿي سگهي ٿو يا ڪنهن پرتشدد ڪارروائي ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو۔
آسٽريلوي نشرياتي اداري اي بي سي جي رپورٽ موجب، نويد اڪرم تي سڊني ۾ قائم نام نهاد دولتِ اسلاميه جي دهشتگرد سيل سان لاڳاپن جي شڪ ۾ جاچ ڪئي وئي هئي۔
اي بي سي جو چوڻ آهي ته پوليس جو خيال آهي ته حملي آوورن نام نهاد دولتِ اسلاميه سان وفاداري جو عهد ڪيو هو، پوليس جو خيال آهي ته جوابدار بونڊائي ساحل کان 30 منٽن جي فاصلي تي هڪ پراپرٽي ٿوري عرصي لاءِ ڪرائي تي ورتي هئي، جتي هنن حملي جي منصوبابندي ڪئي۔
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن گذريل رات بونڊائي کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي واقع حملي آوورن جي گهر تي به ڇاپو هنيو ۔ سندن هڪ پاڙيسري ٻڌايو ته جڏهن هن فائرنگ جي خبر ٻڌي ته هن سوچيو: ”اوہ منهنجا خدا، حملي آوور اُھي نٿا ٿي سگھن، جيڪي سندن پاڙيسري آھن، ڇاڪاڻ تہ ھو سدائين پرسڪيون رھيا آھن.
حملي ۾ بچي ويل نينگر ۽ واٽھڙو ڪير آھن؟
آچر جي ڏھاڙي سڊني جي ساحل بونڊائي تي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل 15 ماڻهن ۾ هڪ ڏهه ورهين جي نينگري، هولوڪاسٽ مان بچي ويل هڪ شخص ۽ ٻه راهب شامل آهن۔

هن حملي ۾ مارجي ويل يهودين جي ڏڻ هنوڪا جي پهرين ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اتي آيا هئا۔
اختيارين تصديق ڪئي آهي ته قتل ٿيلن ۾ هڪ 10 ورهين جي نينگري به شامل آهي، مقامي ميڊيا سندس سڃاڻپ مَٽلڊا طور ڪئي آهي، ايرينا مَٽلڊا جي رٽائرڊ ٽيچر آهي ۽ هوءَ نينگري جي ماءُ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم هلائي رهي ھئي۔
سندس چوڻ آهي ته هوءَ مَٽلڊا کي “هڪ خوش مزاج ۽ جوشيلي نينگري طور سڃاڻندي هئي، جيڪا پنهنجي چوڌاري هر ڪنهن لاءِ روشنيءَ جي ڪرڻ وانگر هئي۔
هارموني رشين اسڪول آف سڊني پڻ تصديق ڪئي آهي ته مَٽلڊا سندن اسڪول جي شاگردياڻي هئي۔41 ورهين جو ايلي شلانگر بونڊائي جو راهب طور به سڃاتو ويندو هو.
حملي آوورن سان وڙھندڙ احمد بھادر مسلمان قرار
آسٽريلوي ميڊيا موجب حملي آوور سان مزاحمت ڪري ھٿيار کسيندڙ ھٿين خالي شخص جي سڃاڻپ 43 ورهين جي احمد الاحمد طور ٿي آهي۔

احمد جي وڊيو سامھون آئي، جنھن ۾ ھو حملي آوور سان ھٿيان خالي وڙھي ٿو ۽ ھٿيار ڦري ڪري سيڪيورٽي ادارن ۽ اھلڪارن کي سڏي ٿو.
احمد جي گھر ڀاتين ٻڌايو ته ھو فروٽ وڪرو ڪندو آھي، کيس ٻن ٻارن جو اولاد آھي، احمد ھن وقت اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي، کيس مزاحمت دوران گوليون لڳيون ھيون.
احمد الاحمد جي والدين محمد فتح الاحمد ۽ ملاڪح حسن الاحمد موجب سندن پٽ 2006ع ۾ آسٽريليا آيو هو ۽ ان عرصي دوران ڪجهه مهينا اڳ تائين سندن ملاقات نه ٿي هئي۔ احمد الاحمد جي والدين موجب هو پاڻ به ڪجهه مهينا اڳ ئي سڊني پهتا آهن۔
آچر جي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران نيو سائوٿ ويلز جي پريميئر ڪرس منز احمد جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي سڃاڻپ ان وقت تائين ظاهر نه ٿي هئي۔
هن چيو تہ “اهو شخص حقيقي هيرو آهي ۽ مون کي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙا ٻيا به ماڻهو آهن، ڪيترائي ماڻهو اهڙي بهادري سبب زنده آهن۔ نيو سائوٿ ويلز اسٽيٽ جي پريميئر ڪرس منز 43 ورهين جي احمد الاحمد کي حقيقي هيرو قرار ڏيندي چيو تہ هن وڊيو ۾ مون پنهنجي زندگي جو سڀ کان ناقابل يقين منظر ڏٺو آهي
آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البنيز چيو تہ اسان آسٽريلوي شهرين کي ڏٺو آهي ته هو ٻين جي مدد لاءِ خطري ڏانهن ڊوڙي رهيا آهن، اهي هيرو آهن ۽ سندن بهادري زندگيون بچايون آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ احمد جي تعريف ڪئي، وائيٽ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب دوران هن چيو تہ اهو هڪ تمام گهڻو بهادر شخص هو، جنهن حملي آوور تي حملو ڪيو ۽ ڪيترين ئي زندگين کي بچايو، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياھو به احمد کي خراج تحسين پيش ڪيو، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو تہ اسان هڪ بهادر شخص جو عمل ڏٺو، جيڪو هڪ بهادر مسلمان هو ۽ مان کيس سلام پيش ڪريان ٿو۔