سڊني فائرنگ، حملي آور تي 59 الزامن تحت فرد جرم لاڳو

فہرستِ مضامین

آسٽريليا جي شهر سڊني سمنڊ ڪناري مبينا فائرنگ ڪندڙ هڪ شخص خلاف قتل ۽ دهشتگردي سميت 59 الزامن هيٺ فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي آهي۔

پوليس موجب مبينا حملي آور پيءُ ۽ پٽ آچر ڏينهن سمنڊ ڪناري ھڪ تقريب تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا. هن حملي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ يهود دشمني توڙي پرتشدد انتهاپسندي ۾ واڌ بابت خدشن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي۔

50ورھين جي ساجد اڪرم کي واقعي واري هنڌ تي ئي پوليس گولي هڻي ماريو، جڏھن تہ سندس 24 ورھين جي پٽ نويد اڪرم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن جو تعلق ڀارت جي شھر حيدرآباد سان آھي، جڏھن تہ پوليس موجب سندس خاندان کي هن جي ”انتھاپسند سوچ“ بابت ڪا ڄاڻ نہ هئي۔

نيو سائوٿ ويلز پوليس اربع تي ٻڌايو تہ ھن شخص تي 59 الزامن هيٺ فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي آهي، جن ۾ 15 قتل جا الزام، قتل جي نيت سان زخمي ڪرڻ جا 40 الزام، دهشتگردي جو هڪ الزام ۽ ٻيا الزام شامل آهن۔

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ شروعاتي شاهديون اهڙي دهشتگرد حملي جي طرف اشارو ڪن ٿيون جيڪو آسٽريليا ۾ فهرست ٿيل دهشتگرد تنظيم داعش کان متاثر هو.

پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ نويد اڪرم کي ملزم طور نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪو هن وقت سڊني جي اسپتال ۾ سخت پوليس نگراني هيٺ علاج هيٺ آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں