سڊني حملي ۾ ملوث ساجد اڪرم ڀارتي ھجڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڀارت ۽ اسرائيل پاران آسٽريليا ۾ ٿيل دهشتگردي واري واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ بابت گمراهہ ڪندڙ پروپيگنڊا ناڪام ٿي وئي آھي ۽ دھشتگرد حملي ۾ مارجي ويل ساجد اڪرم جو تعلق ڀارت سان ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

گذريل ڏينهن آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي ۾ حملي آور سميت 16 ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏھن تہ لڳ ڀڳ 40 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، هڪ حملي آور پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو، جڏھن تہ ٻي حملي آور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، جيڪو هن وقت بہ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي۔

هن افسوسناڪ واقعي کانپوءِ اسرائيلي ۽ ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسرائيلي اخبار يروشلم حملي آورن کي پاڪستاني قرار ڏنو، جڏھن تہ”را“ سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽنس بہ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي.

ذريعن موجب پاڪستاني رڪارڊ موجب ساجد اڪرم ۽ نويد اڪرم نالي ڪنهن بہ شخص جو پاڪستاني هئڻ جو ڪو بہ ثبوت موجود ناهي، جڏھن تہ آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني عملدارن موجب بہ پاڪستاني ڪميونٽي پاران انهن جي پاڪستاني هئڻ بابت ڪا بہ معلومات سامهون ناهي آئي۔

آسٽريلوي عملدارن پاران هينئر تائين ڏنل بريفنگ ۾ بہ پاڪستان جو ڪو ذڪر ناهي، پر ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽنس تي اهو پروپيگنڊا ڪئي وئي تہ ساجد اڪرم سياحتي ويزا تي آسٽريليا ويو هو، جيڪو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ساجد اڪرم 1998ع ۾ اسٽوڊنٽ ويزا تي آسٽريليا پهتو هو، جيڪو 2001ع ۾ وارينا نالي هڪ آسٽريلين عورت سان شادي بعد پارٽنر ويزا ۾ تبديل ٿيو، آسٽريلين گھرو وزير ٽوني برڪ جو بيان بہ ان حقيقتن جي تصديق ڪري ٿو۔

جڏھن تہ ڪجهہ ميڊيا طرفان اها دعويٰ بہ ڪئي وئي تہ آمريڪي انٽيليجنس تصديق ڪئي آهي تہ ٻنهي جو تعلق پاڪستان سان آهي، پر ذريعن جو چوڻ آهي تہ ساجد اڪرم گذريل 10 سالن کان آسٽريليا جي هڪ گن ڪلب جو ميمبر هو ۽ هن وٽان 6 لائسنس يافتہ هٿيار هٿ آيا۔

ذريعن موجب آسٽريليا جي جاچ ڪندڙ عملدارن بہ هن حوالي سان ڪو بہ بيان ناهي ڏنو تہ حملي آورن جو تعلق پاڪستان سان آهي، جڏھن تہ نويد اڪرم سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ شخص پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي تہ نويد اڪرم جي والدہ جو تعلق اٽلي سان ۽ والد جو تعلق ڀارت سان آهي۔

ياد رھي تہ گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا آسٽريليا ۾ رھندڙ پاڪستاني شهري شيخ نويد جون تصويرون هلائي کيس سڊني واقعي جو دهشتگرد قرار ڏنو هو، جڏھن تہ شيخ نويد وڊيو بيان جاري ڪري ڀارتي پروپيگنڊا بي نقاب ڪندي چيو هو تہ هن جو ان واقعي سان ڪنهن بہ قسم جو ڪو بہ واسطو ناهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں