آسٽريليا جي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري ٿيل دھشتگرد حملي جي جاچ دوران آسٽريلوي اختيارن ڀارت جي ايجنسين سان رابطو ڪري ورتو آھي.
ڀارت ۽ اسرائيل پاران آسٽريليا ۾ ٿيل دھشتگردي جي واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ واري پروپينگڊا وائکي ٿي وئي آھي ۽ دھشتگرد حملي ۾ مارجي ويل ساجد اڪرام جو تعلق ڀارت سان ھجڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي.
ڀارتي ميڊيا موجب آسٽريليا جي شھر سڊني ۾ فائرنگ واقعي جي جاچ جاري آھي ۽ ان سلسلي ۾ آسٽريلوي اختيارن ڀارت جي ايجنسيز سان رابطو ڪيو آھي.
ميڊيا رپورٽن موجب سڊني فائرنگ ۾ ملوث حملي آور ۽ ساجد اڪرم جو تعلق ڀارت سان ھجڻ جا اطلاع آھن.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ ساجد اڪرم جي پٽ حملي آور نديم اڪرم سان گڏ ڪم ڪندڙ شخص ٻڌايو تہ نويد جي پيءُ ساجد اڪرم جو تعلق ڀارت سان آھي، جڏھن تہ ان جي ماءُ جو تعلق اٽلي سان آھي، اڪثر ڳالھ ڪندا ھئاسين تہ ان وٽ ھٿيارن جو لائسنس آھي.
واقعي جو پس منظر
گذريل ڏينھن آسٽريليا جي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري تي ٻن ھٿياربندن شھرين فائرنگ ڪري ڏني ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 40 زخمي ٿيا ھئا، جڏھن تہ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ فائرنگ ڪندڙ ھڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻئي حملي آور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو.
آسٽريلوي پوليس واقعي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تہ سمنڊ ڪناري يھودين جي تقريب دوران فائرنگ ڪندڙ ٻئي حملي آور پيءُ پٽ ھئا جن مان ھڪ مارجي ويو جڏھن تہ ٻيو حملي آور زخمي حالت ۾ آھي…