سڊني حملو: ڀارتي ميڊيا حملي آور ڀارتي شھري ھجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

ڀارتي ميڊيا آسٽريلوي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري تي حملو ڪندڙ ساجد اڪرم ڀارتي شھري ھجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي

ڀارتي ميڊيا موجب حملي آور ساجد اڪرم 1998 ۾ ڀارتي شھر حيدرآباد کان آسٽريليا منتقل ٿيو.

ڀارتي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جي ذريعن ڀارتي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ساجد اڪرم جو تعلق ڀارتي رياست تلنگانہ جي شھر حيدرآباد سان آھي، ڀارتي ميڊيا موجب ساجد اڪرم جو پٽ نويد اڪرم آسٽريليا ۾ ئي پيدا ٿيو

ياد رھي تہ 2 ڏينھن اڳ آسٽريليا جي شھر سڊني جي سمنڊ ڪناري ٻن حملي آورن فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ حملي آور سميت 16 ڄڻا مارجي ويا ھئا ۽ 40 زخمي ٿيا ھئا.

فائرنگ جي واقعي کان فوري بعد اسرائيلي ۽ ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف پروپيگنڊا شروع ڪندي حملي آورن کي پاڪستاني قرار ڏنو ھو.

جڏھن تہ عالمي ميڊيا حملي آور جو تعلق ڀارت سان ٻڌايو ۽ پوءِ ڀارتي ميڊيا بہ ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو جنھن بعد ھي ڳالھ ثابت ٿي چڪي آھي تہ ساجد اڪرم جو تعلق ڀارت سان آھي، جڏھن تہ ان جو پٽ نويد اڪرم آسٽريليا ۾ ئي پيدا ٿيو.

پرڏيھي ميڊيا موجب ساجد اڪرم 1998 ۾ اسٽوڊنٽ ويزا تي آسٽريليا منتقل ٿيو ۽ ان کي 2001 ۾ پارٽرنر ويزا ملي

ٻئي پاسي آسٽريليا بہ حملي آور ساجد اڪرم بابت ڄاڻ لاءِ ڀارتي انٽيليجنس ادارن سان رابطو ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں