سپريم ڪورٽ : پي ٽي آءِ وڪيلن جي عمران خان سان فوري ملاقات واري استدعا رد

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان سندس وڪيل جي فوري ملاقات ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

سومر ڏينهن ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل لطيف کوسي پاران اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات جي استدعا تي عدالت وفاقي حڪومت کي اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جو چوڻ هو ته اسان بنا نوٽيس جي اهڙو ڪو به حڪم نٿا ڏئي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اڃا درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي اعتراض واري رڪاوٽ کي پار ڪرڻو پوندو.

چيف جسٽس چيو ته هي ڪيس 24 آگسٽ 2023 جي حڪمنامي خلاف آيو هو، ڏسڻو پوندو ته ڪيس غير اثرائتو ٿي چڪو آهي يا اڃا هلائي سگهجي ٿو. سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي بابت 13 درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

عمران خان خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي درخواست تي عدالت ڌرين کي اڱاري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل لطيف کوسي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته کيس پنهنجي موڪل سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي ملاقات بابت به فيصلو ڪنداسين. سپريم ڪورٽ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سائيفر ڪيس
سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف داخل سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ٽن رڪني بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

القادر ٽرسٽ ڪيس
القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست غير اثرائتي هجڻ جي بنياد تي خارج ڪئي وئي.

توشه خانه ڪيس
توشه خانه ڪيس ۾ به عمران خان ۽ بشرا بي بي جي ضمانت رد ڪرڻ جون درخواستون غير اثرائتيون ٿيڻ تي خارج ڪيون ويون.

ان کان علاوه عدالت سائيفر ڪيس ۽ 9 مئي وارن واقعن ۾ ضمانت رد ڪرڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ عمران خان کي جيل ۾ ملندڙ سهولتن ۽ موجوده صورتحال بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں