سپريم ڪورٽ پاران هرجاڻي ڪيس ۾ باني جي درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ هرجاڻي ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٽرائل ڪورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي۔

جسٽس عائشہ ملڪ جي سربراهي ۾ ٽہ رڪني بينچ عبوري حڪم جاري ڪندي شھباز شريف کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو آهي تہ ڪيس کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو۔

2017ع ۾ شهباز شريف عزت کي ڇيھو رسائڻ جي دعويٰ ڪندي باني خلاف 10 ارب رپين جي ھرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرايو ھو.

عمران خان دعويٰ ڪئي ھئي تہ پاناما ڪس ۾ خاموشي لاءِ کيس شھباز شريف پاران 10 ارب رپين جي آڇ ڪئي وئي، جنھن تي وزيراعظم شھباز شريف الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي عزت کي ڇيھو رسائن جي دعويٰ ڪئي ھئي.

لاھور جي سيشن ڪورٽ ۾ ٽرائل جاري آھي، ٽرائل ڪورٽ باني پي ٽي آءِ پاران جواب جمع ڪرائڻ ۾ دير تي ان جي دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏيو ھو، لاھور ھاءِ ڪورٽ بہ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ھو، لاھور ھاءِ ڪورٽ موجب پي ٽي آءِ باني جواب ڏيڻ ۾ غيرضروري دير ڪئي.

مئي 2025 ۾ ٽرائل ڪورٽ آڏو شھباز شريف ويڊيو لنڪ ذريعي پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرايو ھو.

سپريم ڪورٽ، ٽي رڪني بينچ جو دفاع وارو ختم ڪرڻ خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪئي ھئي، جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس امين الدين خان پي ٽي آءِ باني جي اپيل خارج ۽ دفاع جو حق ختم ڪرڻ جي فيصلي کي برقرار رکيو ھو.

اڪثريتي فيصلي موجب باني پي ٽي آءِ جو رويو ڄاڻي واڻي نافرماني وارو رھيو ۽ هن عدالتي ڪارروائي ۾ دير ڪئي، جسٽس عائشہ ملڪ فيصلي ۾ اختلافي نوٽ ۾ موقف ڏنو تہ ڪنھن بہ ڌر جو دفاع جو حق ختم نہ ڪرڻ گھرجي، جسٽس عائشہ جي اخلافي نوٽ موجب پي ٽي آءِ باني کي دفاع جو موقعو ملڻ گھرجي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں