اسلام آباد : سپريم ڪورٽ زيادتي ڪيس ۾ جوابدار جي سزا 20 سالن مان گھٽائي 5 سال ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار حسن خان کي قلم 496 بي تحت جوابدار قرار ڏنو.
جسٽس شھزاد احمد اڪثريتي فيصلي ۾ لکيو تہ واقعي جو ڪيس 7 مھينن جي دير سان داخل ڪيو ويو، متاثر عورت واقعي وقت مزاحمت نہ ڪئي، طبي معائني ۾ تشدد يا مزاحمت جا نشان سامھون نہ آيا، ڪيس زبردستي زيادتي جو نٿو ٺھي.
جسٽس صلاح الدين اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو، پنھنجي اختلافي نوٽ ۾ جسٽس صلاح الدين لکيو تہ متاثر ناري جي عمر تقريبن 24 سال ھئي، واقعي جي نتيجي ۾ ٻار پيدا ٿيو، جنھن جي تصديق ڊي اين اي رپورٽ سان ٿيندي آھي، جنسي ڏوھن جي ڪيسن ۾ دير غيرمعمولي ڳالھ ناھي، معاشرتي دٻاءُ ۽ خوف سبب متاثر عورت رپورٽ داخل ڪرائڻ ۾ دير ڪي سگھي ٿي.
جسٽس صلاح الدين لکيو تہ ھٿيارن جي موجودگي ۾ مزاحمت نہ ڪرڻ فطري عمل ٿي سگھي ٿو، 7 مھينن بعد طبي معائنو مزاحمت جا نشان ظاھر نٿو ڪري سگھي، زيادتي ثابت نہ ٿيڻ سبب پاڻمرادو رضا مندي ثابت نہ ٿي ٿئي، رڳو سزا گهٽ ڪرڻ لاءِ ڏوھ جي قلم کي تبديل نٿو ڪري سگهجي۔
ياد رھي تہ ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي 20 سال سخت پورھئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ھئي، لاھور ھاءِ ڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو ھو……