سپريم ڪورٽ جِي جسٽس عائشہ اي ملڪ جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي سان حادثو، 5 اھلڪار زخمي

فہرستِ مضامین

سپريم ڪورٽ جِي جسٽس عائشہ اي ملڪ جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب 5 اھلڪار زخمي ٿي پيا آھن.

جسٽس عائشه اي ملڪ اسلام آباد کان لاهور وڃي رھي هئي تہ ڪالا شاھہ ڪاڪو وٽ سندس اسڪواڊ ۾ شامل پوليس موبائيل سان حادثو پيش آيو.

پوليس موجب تيز رفتاري سبب ڊرائيور گاڏي جو توازن برقرار نہ رکي سگهيو ۽ گاڏي اونڌي ٿي پئي، جنهن ۾ ايليٽ فورس جا 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

جسٽس عائشه اي ملڪ هڪ ٽرئفڪ حادثي ۾محفوظ رهي، پوليس سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه اي ملڪ کي سيڪيورٽي سان گهر موڪلي ڇڏي.

حادثي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن مان ٽن زخمي اهلڪارن، عمر، عبدالله ۽ مبشر کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں