سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد صدر ٽرمپ سمورن ملڪن تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن : آمريڪي صدر سمورن ملڪن کان آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ شين تي فوري طور 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صدر ان حوالي سان ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون پڻ ڪري ڇڏيون آهن.

وائيٽ هائوس موجب نئين 10 سيڪڙو ڊيوٽي 150 ڏينهن لاءِ لاڳو رھندي، جڏھن تہ ڪجهہ شين کي هن عارضي ٽيرف کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.

ڇوٽ ڏنل شين ۾ معدنيات، ڀاڻ ۽ توانائي جا اوزار شامل آهن، ان کانسواءِ زرعي شيون، دوائون ۽ دوائن جو ڪچو مال پڻ ٽيرف کان آجو ھوندو، اختيارين واضح ڪيو آهي تہ هي نئون ٽيرف آمريڪا ميڪسيڪو، ڪينيڊا معاھدي تي لاڳو نہ ٿيندو.

واضح رھي تہ ان کان آمريڪي سپريم ڪورٽ صدر ٽرمپ طرفان ٻين ملڪن تي لڳايل اضافي ٽيرف کي غيرقانوني قرار ڏنو هو.

عدالت جو چوڻ هو تہ جنهن قانون تحت اهي ٽيرف لاڳو ڪيا ويا، اهو قومي ايمرجنسي لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ ان تحت صدر کي اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل نہ آهي.

عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي صدر ٽرمپ چيو هو تہ عدالتي تي کينس شرمندگي محسوس ٿي رھي آهي، سندس چوڻ هو تہ فيصلي سان دنيا خوش ٿي آھي، پر اها خوشي گهڻي دير برقرار نہ رھندي.

صدر ٽرمپ عدالتي فيصلي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي سڄي دنيا تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي هاڻي باقاعدہ عمل شروع ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں