سپريم ڪورٽ جسٽس طارق جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

سپريم ڪورٽ جسٽس طارق جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو آھي.

سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سپريم ڪورٽ جسٽس طارق محمود جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ بابت اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.

عدالت اٽارني جنرل آفيس ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل ڊويزن بينچ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

ڊويزن بينچ، ميان دائود جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي، جسٽس طارق محمود جهانگيري کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي فيصلي تائين جج طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو هو، جنهن خلاف جسٽس طارق جهانگيري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

ڪراچي يونيورسٽي بہ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي قانون جي ڊگري رد ڪندي مٿس ٽن سالن جي پابندي لڳائي آھي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں