ناروي جي سفير جي ايمان مزاري جي پيشي دوران موجودگي ، پاڪستان جو احتجاج

فہرستِ مضامین

پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ ايمان مزاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناروي جي سفير جي موجودگي تي احتجاج ڪيو آھي.

پرڏيهي کاتي طرفان ناروي جي سفير کي هڪ احتجاجي نوٽ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 11 نومبر 2025 تي سفارتخاني جي هڪ عملدار پاران ايمان مزاري جي ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ، پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ غير مناسب آھي.

نوٽ ۾ چيو ويو ته ناروي جي سفارتڪار جو اهڙو قدم ويانا ڪنوينشن 1961 جي آرٽيڪل 41 جي ڀڃڪڙي آهي، جنھن موجب سفارتڪار ميزبان ملڪ جي قانونن جو احترام ڪرڻ جا پابند آهن ۽ انهن کي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو حق ناهي.

پاڪستان اهو به الزام هنيو آهي ته ناروي اين جي اوز ذريعي پاڪستان مخالف عنصرن کي سهڪار ملي رهيو آهي، جيڪو هڪ پڌرو پئٽَرِن بڻجي چڪو آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جا ڪيس پاڪستان جا انتهائي حساس اندروني معاملا آهن، ۽ سفارتي عملي جي اهڙين عنصرن سان ڪا به وابستگي برداشت نه ڪئي ويندي.

پرڏيهي کاتي زور ڀريو ته جيئن پاڪستان ناوري جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو، تيئن ناروي کي به پاکستان جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ مستقبل ۾ سفارتي اصولن ۽ ويانا ڪنوينشن جي مڪمل پاسداري ڪرڻي پوندي.

ايمان مزاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري خلاف ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

جسٽس ھاشم ڪاڪڙ جي سربراھي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٽہ رڪني بينچ ۾ جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ جسٽس اشتياق ابراھيم بہ شامل ھئا.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو تہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ سمرين ڌرين کي ٻُڌي فيصلو ڪري.

عدالت رمارڪس ڏنا تہ اميد ڪجي ٿي تہ ھاءِ ڪورٽ ڌرين کي مڪمل طور تي ٻُڌڻ بعد فيصلو ڪندي.

سپريم ڪورٽ اھو فيصلو ٻنڌي ڌرين جي گڏيل راضپي سان جاري ڪيو.

عدالتي ڪارروائي دوران ناروي جو سفير بہ عدالتي ڪمري ۾ موجود ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں