لائیو سي ٽي ڊي ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪا ڪرڻ جي الزام ۾ 5 جوابدار گرفتار ڪري ورتا” 2025 ۾ سنڌ اندر ڪوبہ وڏو واقعو رپورٽ نہ ٿيڻ وڏي ڪاميابي آھي“.

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين ڊاٽ سنڌي/ رپورٽ:  اسحاق سرڪي:. ڊي آءِ جي ڊي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي آھي تہ ڪالعدم تنظيم بي آر جي سان لاڳاپيل، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهچائيندڙ 5 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن.

سي ٽي ڊي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد پنج جوابدار گرفتار ڪيا آهن، ۽ هٿيار پڻ برآمد ڪيا ويا آهن

ڊي آءِ جي سي  ٽي ڊي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو تہ جوابدارن مختلف هنڌن تي ريلوي ٽريڪ تي حملا ڪيا، انهن جي سهولتڪارن خلاف به ڪارروايون ڪيون ويون آهن، جڏھن تہ هي سمورو نيٽورڪ پاڙيسري ملڪ مان هلايو وڃي ٿو

پاڙيسري ملڪ جي سهڪار سان هي ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون، هي هڪ پابندي مڙھيل تنظيم آهي جنهن کي “را” هلائي ٿي، 2025 ۾ سنڌ ۾ ڪو به وڏو واقعو پيش نه آيو، اهو سي ٽي ڊي جي ڏينهن رات محنت جو نتيجو آهي.

ڊي آءِ جي ٻڌايو تہ دهشتگردن بلوچستان جي علائقي لهڙي مان تربيت حاصل ڪئي، انهن جي مالي مدد ڪندڙن بابت به تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں