سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي کي ھٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي آرڊر ۾ واڌ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ڪورٽ رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او  مونس علوي کي عھدي تان ھٽائڻ واري حڪمناني ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي

ساٿي عورت آفيسر کي ھيسائڻ جي الزام ھيٺ آيل مونس علوي صوبائي محتسب اعليٰ جي فيصلي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ھو.

جمعي ڏھاڙي صوبائي محتسب جي فيصلي خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران صوبائي محتسب ۽ متاثر عورت لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.

لکت ۾ جمع ڪرايل جواب موجب صوبائي محتسب جي ٻڌڻي واري دائري بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ھيٺ آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ وٽ درخواست ٻڌڻ جو اختيار ناھي،  مونس علوي جي درخواست ٻڌڻ نھ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪئي وڃي.

عدالت مونس علوي جي وڪيل کي حڪم ڏنو تھ صوبائي محتسب ۽ شڪايت ڪندڙ عورت جي جواب تي جواب الجواب جمع ڪرايو وڃي، عدالت مونس علوي کي ھٽائڻ واري حڪماني ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ  بھ ڪئي.

مونس علوي جي درخواست

درخواست گذار جي وڪيل عابد زبيري عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته ھو صوبائي محتسب سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي عھدي تان ھٽائڻ ۽ 25 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، ٻڌڻي جو اختيار صوبائي محتسب نه پر وفاقي محتسب کي آھي.

عدالت سوال ڪيو ته اھو وفاقي محتسب جو ڪيس ٺھي ٿو، توھان اھو ڪيئن ٿا چئي سگھو؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو تھ صوبائي محتسب جي دائري ۾ ھي ڪيس نھ ٿو اچي، صوبائي محتسب پاران ٻڌايل سزا غير قانوني آھي.

مونس علوي کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

سنڌ جي محتسب اعليٰ ڪي-اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) مونس علوي تي عورت آفيسر کي ھيسائڻ  جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 25 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ھئي ۽ کيس عھدي تان برطرف ڪرڻ جو حڪم بھ ڏنو ھو.

صوبائي محتسب اعليٰ جسٽس (ر) شاهه نواز طارق، مونس علوي تي ڪي اليڪٽرڪ جي اڳوڻي چيف مارڪيٽنگ آفيسر مھرين زھرھ کي ھيسائڻ تي متاثر عورت کي 25 لک روپيا ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.

صوبائي محتسب پنھنجي فيصلي ۾ چيو تھ ڏنڊ ادا نھ ڪرڻ جي صورت ۾ مونس علوي جي منقوله ۽ غير منقوله ملڪيت ضبط ڪئي وڃي ۽ سندس پاسپورٽ به بلاڪ ڪيو وڃي.

ھيسائڻ ۽ بدسلوڪي جا الزام

متاثر عورت پاران داخل ڪرايل شڪايت ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ کيس آڪٽوبر 2019 ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو ھو، پر بعد ۾ 26 ڊسمبر 2019 تي سي ايم سي او طور ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو.ھن دعويٰ ڪئي ته ملازمت دوران کيس مونس علوي پاران نامناسب تبصرن ۽ عملن جو منھن ڏسڻو پيو.

پنھنجي درخواست ۾ عورت آفيسر الزام ھڻندي چيو ھو تھ کيس رات جي وقت اڪيلي ڪافي يا ڊنر جي دعوت تي گھرايو ويو، جتي تڪليف ڏيندڙ ۽ بيھودھ قسم جا تبصرا به ڪيا ويا.

متاثر عورت چيو ته مونس الاھي ھڪ اھڙو ماحول پيدا ڪيو، جنھن ۾ ھوءَ پاڻ کي لاڳيتو خطري ۾ محسوس ڪندي ھئي.

ھن دعويٰ ڪئي تھ مٿس مبينا طور ھفتي جي 7 ئي ڏينھن ۾ 24 ڪلاڪ دستياب رھڻ جو دٻاءُ وڌو ويو، اڪثر ويڪ اينڊز تي اھڙي وقت ون ٽو ون ملاقاتن لاءِ گھرايو ويندو ھو، جڏھن ٻيو ڪير بھ موجود نه ھوندو ھو.

ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي صوبائي محتسب پاران ٻڌايل سزا تي رد عمل ۾ چيو ھو ته ھن سدائين پيشوراڻي لاڳاپن ۾ ديانتداري ۽ وقار کي مقدم رکيو،  ھن کيس ھٽائڻ واري فيصلي کي افسوسناڪ بھ قرار ڏنو ھو.

واضح رھي ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز گذريل مھيني مونس علوي کي ٻيھر چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں