آمريڪي اخبار نیو يارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي تہ سي آءِ اي ايران جي قيادت جي اجلاس جو پتو لڳايو، جنهن بعد اسرائيل ان تي حملو ڪيو.
اخبار موجب، ايران تي حملي کان ٿورو وقت اڳ آمريڪي ڳجھي اداري سي آءِ اي امڪاني طور تي سڀ کان اهم هدف آيت الله علي خامنہ اي جي صحيح نشاندهي ڪئي.
ذريعن موجب، سي آءِ اي ڪيترن مهينن کان خامنہ اي جي جر چرپر تي نظر رکي رھي هئي، ان کان پوءِ آمريڪي ايجنسي کي اطلاع ملي تہ ڇنڇر جي صبح، تھران جي وچ ۾ واقع هڪ ڪمپائونڊ ۾ اعليٰ ايراني عملدارن جو اهم اجلاس ٿيندو ۽ سڀ کان اهم ڳالهہ اها آهي تہ سپريم ليڊر پڻ اجلاس ۾ شامل هوندو.
نیو يارڪ ٽائمز موجب ڳجھي اطلاع کانپوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجن تجويز ڪيل حملن جي وقت ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو تہ جيئن هن موقعي کان بهتر فائدو حاصل ڪيو وڃي.
ڳجھي اطلاع تي ايراني قيادت کي ھڪ ڪمپائونڊ ۾ نشانو بڻايو ويو
ايراني قيادت امڪاني جنگ جي واضح اشارن باوجود مناسب حفاظتي انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام رھي.
نیويارڪ ٽائمز موجب، اسرائيل ۽ آمريڪا جي منصوبابندي ڪيترن مهينن کان جاري هئي.
شروعاتي منصوبو اهو هو تہ رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو وڃي، پر تھران ۾ سرڪاري ڪمپائونڊ ۾ اجلاس جي اطلاع ملڻ بعد ڇنڇر جي صبح حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو…..