سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان ۾ فتنہ الخوارج جي سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 25 دھشتگردن ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان بہ شھيد ٿيا آھن.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب خارجين جي ٻن گروھن 24 ۽ 25 آڪٽوبر تي گھڪي ڪرُم ۽ اسپن وام جي علائقن مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپن وام ۾ فورسز جي اثرائتي ڪارروائي دوران چئن آپگھاتي بمبارن سميت 15 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪُرم جي علائقي گھڪي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ وڌيڪ 10 خارجي مارجي ويا، مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ ھٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ھٿ ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو تہ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شھيد ٿيا، شھيد جوانن ۾ حوالدار منظور حسين، سپاھي نعمان الياس ڪياني، محمد عادل، شاھ جھان ۽ علي اصغر شامل آھن.
ترجمان موجب ترڪيہ ۾ پاڪ -افغان ڳالھين باوجود فتنہ الخوارج جي دراندازي جون ڪوششون جاري آھن، پاڪستان لڳاتار افغان حڪومت کان پنھنجي سرحد طرف اثرائتي بارڊر مئنجيمينٽ کي يقيني بڻائڻ جو چئي رھيو آھي.
آءِ ايس پي آر موجب آھي تہ اميد آھي تہ افغان عبوري حڪومت دوحہ معاھدي موجب ذميواريون پوريون ڪندي، افغان حڪومت خارجين کي پاڪستان خلاف افغان سرزمين جي استعمال کان روڪي.