بلوچستان جي پشين واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ۾ آپگھاتي حملي آور سميت فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 5 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
فوجي ترجمان اداري موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي۔
بيان ۾ چيو ويو آهي تہ مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا ۽ سيڪيورٽي فورسز کي گهربل هئا۔
ترجمان موجب علائقي ۾ امڪاني دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي……….