راولپنڊي : سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ڪارروايون ڪندي ڀارتي حمايت ۾ سرگرم يافتا 13 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 20 ۽ 21 نومبر تي خيبر پختونخواهہ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون.
لڪي مروت جي علائقي پهاڙ خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ 10 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪئي، جنهن ۾ 3 خارجي ماريا ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود برآمد ٿيو، اهي سيڪيورٽي فورسز ۽ بي ڏوهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا…….