سڪيورٽي فورسز افغان دهشتگردن جا ڊرون حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن۔
آءِ ايس پي آر موجب 13 مارچ تي افغان طالبان پاڪستان تي ڊرون حملا ڪيا، ڊرون کي هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪيرائي تباهہ ڪيو ويو۔
آءِ ايس پي آر موجب تباهہ ٿيل ڊرون جي ملبي سبب ڪوئيٽا ۾ ٻہ ٻار زخمي ٿيا، جڏھن تہ ڪوھاٽ ۽ راولپنڊي ۾ بہ هڪ هڪ ماڻهو زخمي ٿيو آهي۔
آءِ ايس پي آر هن حملي کي عوام ۾ خوف ڦھلائڻ لاءِ افغان طالبان جي ناپاڪ ڪوشش قرار ڏيندي چيو تہ عوام ۽ هٿياربند فوج افغانستان تي قابض ڪرائي جي دهشتگردن جي حقيقت کان واقف آھي ۽ افغان سرزمين تان دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن “غضب للحق” جاري رھندو۔……