سينيٽ 27هين آئيني ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سينيٽ 27 ھين آئيني ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي آھي،  64 ميمبرن ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو.

سينيٽ جو اجلاس، چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن دوران قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ آئيني ترميمي بل پيش ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي،  ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو آڏو احتجاج ڪيو.

احتجاج دوران پي ٽي آءِ جي سيف اللھ ابڙو احتجاج ۾ شريڪ نہ ٿيو.

27 ھين آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي تحريڪ تي ايوان ۾ ووٽنگ ٿي تہ پي ٽي آءِ جو سيف اللھ ابڙو ۽ جي يو آءِ جو احمد خان آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي تحريڪ جي حق ۾ بيٺو.

سينيٽ جي 64 ميمبرن آئيني ترميم جي 59 شقن جي مرحليوار منظوري ڏني، سينيٽ ميمبرن سيٽن تي بيھي ووٽنگ ۾ حصو ورتو.

ان کانپوءِ 27 ھين آئيني ترميمي بل سينيٽ ۾ حتمي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، آئيني ترميم بل منظوري لاءِ اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو.

سينيٽ ميمبرن 27 ھين آئيي ترميم جي حق يا مخالفت ۾ لابيز ۾ وڃي ووٽ ڏنو ۽ ايئن 64 ميمبرن ترميمي بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏھن تہ ترميم جي مخالفت ۾ ڪنھن بہ ووٽ نہ آيو.

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني رولنگ ڏني تہ 27 ھين آئيني ترميمي بل سينيٽ منظور ڪري ورتو آھي، 27 ھين آئيني ترميمي بل جي حق ۾ 64 جڏھن تہ مخالفت ۾ ڪو بہ ووٽ ناھي آيو.

آئيني ترميمي بل تي ووٽنگ کانپوءِ سيف اللھ ابڙو ۽ احمد خان ايوان ۾ واپس نہ آيا…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں