اسلام آباد : سينيٽ 27هين آئيني ترميم ذريعي صدرِ کي تاحيات ڇوٽ ڏيڻ واري ترميم ڪثرت سان منظور ڪري ورتي آھي۔
جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ايوان پيش ڪيل 27 ھين آئيني ترميم کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو.
ترميم موجب صدر کي تاحيات ڇوٽ حاصل ھوندي، عھدي کانپوءِ بہ صدر خلاف ڪنھن بہ ڪيس ۾ تاحيات ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي سگھندي.
ترميم موجب عھدي کانپوءِ جيڪڏھن صدر ڪو ٻيو عوامي عھدو حاصل ڪيو تہ پوءِ اھا ڇوٽ ختم ٿي ويندي.
ياد رھي تہ پيپلز پارٽي جي مطالبي تي ان شق کي 27 ھين آئيني ترميم جي مسودي ۾ شامل ڪيو ويو ھو.