اسلام آباد : سينيٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو آھي.
ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي تہ وفاقي حڪومت انهن ملڪن سان ميچوئل ليگل اسسٽنس ٽريٽي ڪندي، جن جون سوشل ميڊيا ايپليڪيشنون پاڪستان ۾ استعمال ٿين ٿيون۔
سينيٽ ۾ فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل بہ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي تہ زيادتي جو شڪار ڇوڪرو يا ڇوڪري کي ميڊيڪل معائنو فراهم نہ ڪرڻ تي هڪ سال تائين قيد ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
زيادتي جي متاثر کي فوري ابتدائي طبي امداد نه ڏيڻ تي نجي يا سرڪاري اسپتال تي به سزا لاڳو ٿيندي، ۽ نجي اسپتال زيادتي جي متاثر کي 24 ڪلاڪن اندر سرڪاري اسپتال ڏانهن موڪلڻ جو پابند هوندو۔
سينيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ترميمي بل بہ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارن جي فحش وڊيوز تي سزا 7 سال کان وڌائي 10 سال ڪرڻ ۽ ڏنڊ 50 لک کان وڌائي هڪ ڪروڙ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔
سينيٽ ثمينہ زهري جو فيملي ڪورٽ ترميمي بل ۽ شيري رحمان جو اسلام آباد ۾ ڪتابن تي پلاسٽڪ ڪور لڳائڻ تي پابندي وارو بل بہ منظور ڪري ورتو۔…