سينيٽ مان 27ھين آئيني ترميم جون نيون ترميمون بہ اڪثريت سان منظور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سينيٽ 27ھين آئيني ترميم جي نئين ترميمن کي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آھي.

سينيٽ اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ 27 ھين آئيني ترميم جو نئون متن پيش ڪيو ويو.

قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ 27ھين آئيني ترميم جي نئين متن کي سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنھن بعد ترميم کي شق وار منظور ڪيو ويو.

ترميم پيش ڪرڻ وقت اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، شق وار منظوري دوران بہ اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي شديد نعريبازي ڪئي.

جي يو آءِ جي چئن ميمبرن بل خلاف ووٽ ڏنو، جڏھن تہ سينيٽر سيف اللھ ابڙو ۽ احمد خان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ آيا ۽ مخالفت ۾ 4 وٽ آيا .

ووٽنگ واري عمل کانپوءِ سينيٽ چيئرمين نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو تہ 27 ھين آئيني ترميم جي ووٽنگ دوران 64 ووٽ بل جي حمايت ۾ آيا آھن ۽ 4 ووٽ مخالفت ۾ آيا آھن.

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ترميم جي اڪثريت سان منظوري جو اعلان ڪيو.

اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو تہ آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مان جيڪو سينيئر ھوندو اھو چيف جسٽس پاڪستان ھوندو، صدر کي حلف چيف جسٽس کڻائيندو .

ياد رھي تہ گذريل ڏينھن 27ھين آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۾ بہ اڪثريت سان منظور ڪئي وئي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں